پنجن ملڪن لاءِ روس جي ويزا مفت، پاڪستان شامل آهي يا نه؟

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس دنيا جي پنجن اهم ملڪن لاءِ فري ويزا انٽري پروگرام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ سعودي عرب سوڌو وچ اوڀر جا ٻيا ملڪ شامل آهن.
ان حوالي سان روس جي اقتصادي ترقي بابت وزير ميڪسم ريچيٽنڪوف چيو آهي ته هن جي ملڪ ڪويت، عمان، بحرين، سعودي عرب ۽ ملائيشيا جي سياحتي ويزا کي ختم ڪرڻ ۽ انهن ملڪن جي سياحن جي ويزا فري انٽري جي تجويز پيش ڪئي آهي.
ريچيٽنڪوف چيو ته ڪويت، عمان، بحرين، سعودي عرب ۽ ملائيشيا جي ويزا فري انٽري تجويز پيش ڪئي آهي جتي پريميم سياحن جي انگ ۾ اضافو به ممڪن آهي. ان ڪري اسان ان ۾ دلچسپي رکون ٿا.
اهو اطلاع ڏجي ٿو ته پهرين آگسٽ 2023ع کان روس ۽ چين سياحن جي گروپن کي ويزا فري گروپ ٽورازم ايڪسچينج جي هڪ بين الحڪومتي معاهدي جي فريم ورڪ جي اندر گڏيل طور تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
روس ۽ ايران جي وچ ۾ مفت گروپ ٽورز جي شروعات ڪئي وئي آهي، روس جي اقتصادي ترقي واري نائب وزير دمتري واڪروڪوف موجب روس ۽ ڀارت وچ ۾ 2024ع ۾ ويزا کانسواءِ وڏي پيماني تي سياحت جي ڏي وٺ شروع ٿي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.