ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار شآهه رخ خان جي فلم ”جوان“ رڳو ٽن ڏينهن ۾ 384 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ پهرين هندي فلم بڻجي وئي آهي پر هاڻي ان فلم جي حوالي سان اها دعويٰ گردش ڪري رهي آهي ته ”جوان“ هڪ پراڻي فلم جي ڪاپي آهي.
فلم ”جوان“ 7 سيپٽمبر تي سڄي دنيا جي سينيما گھرن جي زينت بڻي ۽ پنهنجي واعدي موجب رليز سان ئي سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
ان فلم ماضي جي سڀني سپر هٽ فلمن جا بزنس رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ هڪ نئين ڪاميابي ماڻي رهي آهي.
جوان کي ڏسڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي جتي مداح ان جي تعريف ڪري رهيا آهن اتي ئي ڪجهه شوقين اها دعويٰ به ڪري رهيا آهن ته ”جوان“ 1989ع ۾ رليز ٿيل هڪ تامل فلم ”ٿائي ناڊو“ جي ڪاپي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب سوشل ميڊيا واهپيدارن کي ”جوان“ ڏسندي ڪيترن ئي هنڌن تي ائين لڳو ته ڄڻ ”ٿائي ناڊو“ جي ڪهاڻي کي ورجايو ويو آهي.
Prev Post
You might also like