آصفا ڀٽو به ٽڪ ٽاڪ اسٽار بڻجي وئي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري ننڍين وڊيوز واري شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ جي نديا ۾ قدم رکي ڇڏيو.

آصفا ڀٽو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس ”اڳوڻي ٽوئٽر“ تي پنهنجي مداحن کي ٽڪ ٽاڪ جوائن ڪرڻ جي خبر ڏني جنهن سان گڏ هن پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جي لنڪ کي به سلهاڙيو.

آصفا ڀٽو تازو ئي ٺاهيل ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي هن پنهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو سان گڏ تصوير لڳائي جڏهن ته سندس اڪائونٽ کي هيل تائين 252 ٽڪ ٽاڪ واهپيدارن فالو ڪيو آهي.

هن پنهنجي اڪائونٽ جي بائيو ۾ ”شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فخر جوڳي ڌيءَ، پوليو فري پاڪستان جي ”سفير، لکيو آهي.

آصفا ڀٽو ٽڪ ٽاڪ جوائن ڪرڻ جي خبر ”ايڪس“تي جاري ڪئي پر ٽڪ ٽاڪ تي ڪا به وڊيو شيئر ناهي ڪئي.

سوشل ميڊيا تي ان خبر جي عام ٿيڻ کان پوءِ پ پ جي حمايت ڪندڙ ايڪس واهپيدارن جي وڏي انگ آصفا جي ڪمينٽ سيڪشن ۾ هن کي ٽڪ ٽاڪ تي اچڻ تي ڀليڪار چيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.