ڀارت جو گرين شرٽس کي وڏو هدف، پاڪستاني مداحن لاءِ سُٺي خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڀارت ايشيا ڪپ سُپر فور مرحلي جي ميچ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 357 رنسن جو هدف ڏنو آهي، اڄ ڪولمبو ۾ جي پاڪستان ڀارت خلاف اِهو هدف ماڻي ورتو ته پاڪستان اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري وٺندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ويجهي ماضي جي رڪارڊ جو جائزو وٺجي ته اندازو ٿئي ٿو ته پاڪستان آخري چار ميچن جڏهن به ٽي سئو کان مٿي رنسن جو هدف مليو آهي ان ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

تازو ئي همبنٽوٽا ۾ پاڪستان، افغاستان خلاف ڪاميابي سان ٽي سئو هڪ رنسن جو هدف ماڻيو هو.

ان کان اڳ راولپنڊي ۾ پاڪستان فخر زمان جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان نيوزيلينڊ خلاف 337 رنسن جو هدف ڪاميابي سان ماڻيو هو.

گذريل سال جون ۾ ملتان جي ميدان تي پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف ٽي سئو ڇهن رنسون ٺاهي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته مارچ ۾ آسٽريليا خلاف 349 رنسن ٺاهي تاريخي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي هئي.

هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته جتي پاڪستان ٽي سئو رنسن کان وڌيڪ چار ئي هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيا اتي ٽي سئو رنسن جو هدف ان کان چيز نه ٿي سگهيو هو جڏهن ڪراچيءَ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف 299 رنسون اسڪور ڪيون هيون، پر پاڪستان ٽيم ناڪام رهي هئي.

ڀارت جو اسڪور 356 رنسون ان جو پاڪستان خلاف گڏيل طور سڀ کان وڏو ٽوٽل آهي، ان کان اڳ ڀارت وشاڪا پٽنم ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 356 رنسون اسڪور ڪيون هيون.

ون ڊي ۾ پاڪستان کي مجموعي طور تي 56 ڀيرو ٽي سئو کان وڌيڪ رنسن جو هدف مليو آهي جنهن ۾ پاڪستان ڏهه ڀيرا ڪاميابي سان هدف ماڻيو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.