دي هيگ ( ويب ڊيسڪ ) هالينڊ جي هڪ عدالت پاڪستاني ڪرڪيٽر خالد لطيف کي گستاخاڻن خاڪن جو مقابلو ڪرائيندڙ پارليامينٽ ميمبر گيئرٽ ورلڊرز جي قتل تي ڀڙڪائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي ٻارنهن سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
هالينڊ ۾ تڪراري پارليامينٽ ميمبر گيئرٽ ولڊرز 2018ع ۾ رسول صلعم جي گستاخاڻن خاڪن جي ناپاڪ مقابلو ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، جنهن تي پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر خالد لطيف مبينا طور هڪ وڊيو پيغام ۾ گيئرٽ ولڊرز جي سِر جي قيمت 21 هزار يورو رکي هئي.
هالينڊ ۾ اهڙي وڊيو پيغام تي ڪرڪيٽر خالد لطيف خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو،سخت سيڪيورٽي ۾ ڪيئي ٻڌڻيون ٿيون ۽ اڄ کيس ٻارنهن سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ان فيصلي تي هالينڊ ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر فور طور ڪو جواب نه ملي سگهيو.
ڪرڪيٽر خالد لطيف کي سندس غير موجودگيءَ ۾ سزا ٻڌائي وئي، خالد لطيف هن وقت پاڪستان ۾ آهي ۽ هالينڊ جي عدالت ۾ ڪنهن به موقعي تي پيش نه ٿيو هو.
عدالت کي ٻڌايو ويو هو ته خالد لطيف جو موقف ڄاڻڻ ۽ قانوني مشاورت لاءِ پاڪستان سان به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪو جواب نه مليو.
ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيل چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽر قتل تي ڀڙڪايو جنهن سبب پارليامينٽ رڪن جي حياتي خطري ۾ پئجي وئي ۽ گيئرٽ ورلڊرز کي چويهه ڪلاڪ رياستي حفاظت ۾ گذارڻا پئجي رهيا آهن، انڪري اڳوڻي ڪرڪيٽر کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
واضح رهي ته هالينڊ جي هڪ عدالت 2019 ۾ رد ٿيل گستاخاڻن خاڪن جي مقابلي کي نظر ۾ رکندي ولڊرز جي قتل جي رٿابندي ڪرڻ تي هڪ پاڪستاني شخص کي ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي چڪي آهي.
ياد رهي ته ڪرڪيٽر خالد لطيف پنج ون ڊي ۽ تيرنهن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، 2017 ۾ دبئي ۾ پاڪستان سُپر ليگ جي هڪ ميچ دوران اسپاٽ فڪسنگ جي الزام مٿس پنج سالن لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي مڙهي وئي هئي.
خالد لطيف جي پنج سالا پابندي گذريل سال ختم ٿي وئي هئي جنهن کانپوءِ هو ڪراچي ۾ ڪلب جي سطح تي ڪوچنگ ڪري رهيو آهي.