ڇهه سپٽيمبر تي افغان فوج پاڪستاني فوجي چوڪين تي حملا ڪيا: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ڇهه سپٽيمبر تي افغان فوجين پُرامن حل بدران چر ڏياريندڙ فائرنگ جو سهارو ورتو ۽ پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو.

پاڪ-افغان طورخم سرحد بندش تي افغان پرڏيهي وزارت جي بيان تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ردعمل ۾ چيو ته بيان حيران ڪندڙ آهي، عبور افغان اختيارين طورخم تي پاڪ-افغان بارڊر بندش جي سبب کان چڱي ريت واقف آهن، پاڪستان پنهنجي سرزمين عبور افغان حڪومت سان ڪنهن به ڍانچي جي تعمير قبول نٿو ڪري سگهي، اِهو پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي.

ترجمان چيو ته ڇهه سپٽيمبر تي افغان فوجين پرُامن حل بدران چر ڏياريندڙ فائرنگ جو سهارو ورتو ۽ پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو ويو، غيرقانوني ڍانچي جي تعمير کان روڪڻ تي افغان فوجين پاڪستاني ۽ افغان شهرين جون زندگيون خطري ۾ وڌيون.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، افغان بارڊر فورسز جي چر ڏياريندڙ فائرنگ سبب دهشتگرد عنصرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، اِهي عنصر افغانستان جي اندر محفوظ ٺڪاڻن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، خواهش آهي افغان سرحد ٻنهي مُلڪن وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي، اسان ڪيئي ڏهاڪن کان افغان ڀائرن، ڀينرن جي دل جي گهرائين سان آجيان ڪئي آهي.

ترجمان چيو ته پاڪستان افغان فوجين جي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ تي صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڪستان سدائين ڳالهين کي ترجيح ڏني آهي، افغان سرزمين پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪيئي ڏهاڪن کان پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ سهولتون فراهم ڪيون ۽ ڪندو رهي رهندو، پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي غلط استعمال جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، پاڪستان ٻه طرفن مسئلن ۽ خدشن کي تعميري ڳالهه ٻول ذريعي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اميد ته افغان عبوري حڪومت پاڪستان جي خدشن کي ذهن ۾ رکندي، پاڪستان جي علائقائي سالميت جو احترام ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.