مُلڪ ۾ سون سوين رُپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) مُلڪ ۾ سون جو في تولو وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ سون پنج سئو رُپيا سستو ٿيو جنهن بعد في تولو ٻه لک ٻارنهن هزار رُپين جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت 428 رُپين لاٿ کانپوءِ هڪ لک ايڪاسي هزار ست سئو ڇاونجاهه رُپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون چار ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ في اونس 1919 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.