اروشي سرعام نسيم شاهه لاءِ محبت جو اظهار ڪري ڇڏيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا اروشي روٽيلا ۽ نسيم شاهه وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان دلچسپ خبرون ضرور اينديون آهن ۽ نسيم شاهه کان وڌيڪ اروشي کي ڳڻتي هوندي آهي ته ڪنهن ريت هو نسيم شاهه لاءِ محبت جو اظهار ڪري.

هو کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي آهي، ڪڏهن جم ۾ سندس ميچ ڏسندي آهي ته ڪڏهن پاڪستاني ٽيم جهڙو سائو لباس پائيندي آهي.

پر هن ڀيري هن محبت جو سرعام اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هن ڳجهي انداز ۾ محبت جو اظهار ڪيو پر تبصرا ڪندڙ مداحن اهو سمجهي ورتو آهي سندس محبت جو اهو اظهار ضرور نسيم شاهه لاءِ آهي ۽ هو چاهي ته نسيم شاهه کي ان ڳالهه جي خبر پوي ته هو ساڻس ڪيتري محبت ڪري ٿي.

واهپيدارن جو چوڻ هو ته اهو نسيم شاهه آهي جنهن لاءِ اروشي اها پوسٽ ڪئي آهي جيتوڻيڪ اروشي نسيم شاهه جو نالو ناهي ورتو.

اصل ۾ سندس نئون پراجيڪٽ اچي رهيو آهي جنهن بابت هن اها پوسٽ ڪئي آهي پر ڄاڻي واڻي ان کي ڳجهي نموني اظهار جو ذريعو بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.