ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ تيز ترين 13 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيو آهن.
ڪوهلي ليجنڊ ڀارتي بيٽر سچن ٽنڊولڪر کي پوئتي ڇڏيندي اِهو ڪارنامو انجام ڏنو، سچن ٽنڊولڪر 321 ون ڊي اننگز ۾ 13 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون.
ڪولمبو ۾ جاري ايشيا ڪپ 2023ع ۾ سُپر فور مرحلي ۾ پاڪستان خلاف بيٽنگ ڪندي ويرات ڪوهلي ون ڊي انٽرنيشنل 47 هين سينچري اسڪور ڪئي.
Fastest to (ODI runs):
8,000 ✅
9,000 ✅
10,000 ✅
11,000 ✅
12,000 ✅
13,000 ✅Virat Kohli does Virat Kohli things 👑#PAKvIND #AsiaCup2023 pic.twitter.com/s10AfR8EbO
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) September 11, 2023
ويرات ڪوهلي ٽي سئو کان گهٽ ون ڊي ميچن ۾ تيرنهن هزار رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.
267 ون ڊي اننگز ۾ 13هزار رنسون ٺاهيون آهن، سندس ون ڊي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ 65 ففٽين ۽ 47 سينچريون آهن.