ڪوهلي ۽ ڪي ايل ڪولمبو ۾ بالرن لاءِ قهر بڻجي ويا، ڀارت جو پاڪستان کي کٽڻ لاءِ جبل جيڏو هدف

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ )  ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 357 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

ڪولمبو ۾ ريزرو ڊي ۾ برسات بيهڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ٻيهر شروع ٿي.

گذريل ڏينهن برسات سبب رڳو 24 ڏهائي هڪ اوورن جي راند ممڪن ٿي سگهي هئي، جنهن ۾ ڀارت ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون هيون.

ڀارتي بيٽر ڪي ايل راهول ۽ ويرات ڪوهلي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏيون  جنهن سبب ڀارت مقرر پنجاهه اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 356 رنسون ٺاهيون.

ويرات ڪوهلي 122 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 111 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول وچ ۾ ٽين وڪيٽ تي 233 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.

پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ شاداب خان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.