جي ٽوئنٽي اجلاس ڀارت بدران پاڪستان ۾ ٿئي ها پر… نواز شريف وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 2017ع جو تسلسل رهي ها ته جي ٽوئنٽي جو اجلاس پاڪستان ۾ ٿئي ها.

لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حسن نواز جي آفيس آمد جي موقعي تي ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻول ڪئي.

گهرواري جي ورسي جي سوال تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪلثوم نواز کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو.

نواز شريف کان صحافي سوال ڪيو ته ڀارت ۾ جي ٽوئنٽي جو اجلاس ٿيو ۽ پاڪستان ان ۾ شامل ناهي؟

ان سوال تي نواز شريف جو چوڻ هو ته 2017ع ۾ جو تسلسل رهي ها ته جي ٽوئنٽي جو اِهو اجلاس پاڪستان ۾ ٿئي ها.

اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته تسلسل رهي ها ته پاڪستان جي ٽوئنٽي ۾ شامل ٿي چڪو هجي ها يا ٿيڻ وارو هجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.