پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڪلهه سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو ڪري رهيو آهي جتي تعزيتون ۽ پريس ڪانفرنس ڪري ٿو.
بلاول ڀٽو زرداري پاران ٺٽو، بدين، سجاول ۽ اڄ سکر ۽ ٻين شهرن جا دورا ڪيا ويا.
تقريبن دوران بلاول ڀٽو زرداري لاءِ جيڪا پاڻي جي بوتل رکي وئي هئي اها مبينا بوتل هڪ يوٽيوبر کي هٿ اچي وئي جنهن بعد ۾ پنهنجي وي لاگ ۾ اها بوتل ڏيکاريندي سوال ڪيو آهي.
ولاگر جو چوڻ هو ته بلاول صاحب لاءِ هي پاڻي جي بوتل رکيل هئي جيڪا هو وساري ويو ۽ اسان کي هٿ اچي وئي آهي، هي نيسلي جي به ناهي هي پاڻي فرانس جو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته اسان کي به فرانس جو پاڻي پياريو، جيڪڏهن ائين ممڪن ناهي ته اسان کي واٽر سپلاءِ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ڇو ته اسان کي جيڪو پاڻي ملي ٿو ان ۾ جيت پئجي ويا آهن.
بدین کے مشتاق انصاری کی پیپلز پارٹی کی قیادت سے مودبانہ گذارش کے بلاول صاحب آپ فرانس کا پانی پیئیں، ہمیں بس تالاب کا ہی مگر صاف پانی پلا دیں، تو ھم کو دعائیں دیں گے۔ pic.twitter.com/ycbS3QUGk5
— Sameer Mandhro (@smendhro) September 10, 2023