ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس سڄي شهر ۾ غير قانوني طور ترسيل افغاني شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي مختلف علائقن مان 121 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪراچي پوليس موجب ڪورنگي جي مختلف علائقن مان 45، اوڀر ضلعي مان 18، اولهه ضلعي مان 34، ملير مان 14 جڏهن ته سٽي پوليس 9 افغانين کي گرفتار ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته غير قانوني طور تي ترسيل افغاني شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن مان گرفتار ڪيل 121 افغاني شهرين خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته افغان شهرين ۾ شڪي ماڻهن جو ڪرمنل رڪارڊ به حاصل ڪيو پيو وڃي.
ٻي پاسي رينجرز به غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪاررواين دوران حب چيڪ پوسٽ تي سنيپ چيڪنگ دوران 41 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڪيل ماڻهن مان 25 وٽ ايڪسپائر سڃاڻپ ڪارڊ هئا جڏهن ته 16 ڄڻا سڃاڻپ دستاويز فراهم نه ڪري سگھيا.