ڪوهلي خواب ۾ نظر ايندو آهي… وسيم اڪرم جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سوئنگ جي سلطان ۽ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم کي ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي خواب ۾ نظر اچڻ لڳو.

اسٽار اسپورٽس سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم انڪشاف ڪيو ته ميچ کان اڳ جڏهن اڄ ويرات ڪوهلي سان ملاقات ٿي ته کيس ٻڌايو ته هاڻي اوهان مون کي خواب ۾ به نظر اچڻ لڳا آهيون جنهن تي ويرات پڇيو ته وسيم ڀاءَ اوهان چوڻ ڇا ٿا چاهيو جنهن تي مون کي ٻڌايو ته مون اوهان کي ٽيليويزن اسڪرين تي ايترو ڏٺو آهي جو اوهان منهنجي دماغ مان نٿا نڪرو.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته شاهين، بابر اعظم ۽ ڀارت جو ويرات ڪوهلي ميچ ونرز ڪرڪيٽر آهن جيڪي ميچ کٽڻ لاءِ کيڏندا آهن.

وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته پاڪستان لاءِ هر رانديگر پرفارم ڪرڻ چاهيندو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچون دلچسپ هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.