نائيجيريا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 26 مسافر فوت، ڪيترائي گم

ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائيجيريا جي اتر واري وچين علائقي ۾ موجود هٿرادو ڍنڍ ۾ مسافر بردار ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 26 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي گم آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب آچر جي ڏينهن پيش آيل افسوس ناڪ واقعي گذريل ٽن مهينن دوران ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جو ٻيو وڏو واقعو آهي.

اختيارين موجب ٻيڙي تي عورتن ۽ ٻارن سوڌو 100 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، مسافر هٿرادو ڍنڍ تي ٻيڙي ذريعي پنهنجي زرعي زمينن تي وڃي رهيا هئا.

اختيارين طرفان 26 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي گھڻائي آهي.

اختيارين موجب حادثي جو شڪار ٿيل ٻيڙي ۾ سوار 30 مسافرن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻيا گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ جولاءِ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.