ڪويئٽا مان 2 افعاني گرفتار، هڪ ڪروڙ ڊالر هٿ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪي معيشت جي بحاليءَ  لاءِ جيڪي هنگامي  قدم کنيا ويا آهن، ان جي نتيجي ۾ ڊالر  جي قدر ۾ مسلسل لاٿ اچي رهي آهي. جڏهن ته بجلي چورن ۽ اسمگلنگ خلاف ڪاررواين سبب وڌيڪ بهتريءَ جي اميد ڪئي پئي وڃي، نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته ان دوران سوشل ميڊيا تي ڇاپن جون ڪوڙيون خبر به ڇانيل آهن، پر ڪجهه درست خبرون به اچي رهيون آهن. اطلاع آهن ته ڪوئيٽا ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي هڪ ڪروڙ ڊالر هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي افغانستان اسمگل ٿيڻا هئا. اسمگل ڪرڻ لاءِ ڊالر  گڏ ڪندڙ 2 افغاني به گرفتار ڪيا ويا آهن. صحافي موجب ضرورت  ان ڳالهه جي آهي مستقل بنيادن تي اهڙو نظام ترتيب ڏنو وڃي جو اسمگلنگ ۽ چوري جو بنياد ئي ختم ٿي وڃي ۽ بنا فرق جي جزا ۽ سزا جو نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي.

گورنر سنڌ ۽ گهرو وزير حارث نواز طرفان اميد جي گهنٽي جو دورو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان گڏ گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث  نواز ۽ ثقافت، نوجوانن ۽ راندين واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جنيد علي شاهه اميد جي گهنٽي جو دورو ڪيو، نگران صوبائي وزيرن اميد جي گھنٽي کي انوکو قدم قرار ڏنو، ٻنهي صوبائي وزيرن سنڌ جي گورنر سان گڏ طاقتور پاڪستان تحت راشن بيگز جي رجسٽريشن جي عمل جو به جائزو ورتو، صوبائي وزيرن سنڌ گورنر جي عوامي ڀلائي جي قدمن کي مثالي قرار ڏنو. ان بعد گورنر سنڌ ٻنهي وزيرن کي گورنر هائوس جي گيٽ نمبر هڪ جي ٻاهر رکيل لڪي ڊرا باڪس بابت به آگاهه ڪيو، نگران صوبائي وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته سندس عمل مخير حضرات ۾ عوامي خدمت جو جذبو پيدا ڪري ٿو. نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جنيد علي شاهه چيو آهي ته گورنر سنڌ جي قدمن مان سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب عوام کي ٿيو آهي.

پشاور ۾ بلو ٽوٿ ذريعي ڪاپي، 43 شاگردن مٿان ڪيس

پشاور (م ڊ) پشاور ۾ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) جي  دوران بلو ٽوٿ ڊوائس ذريعي ڪاپي ڪندڙ 43 شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس عملدارن موجب ڪاپي ڪندڙ 43 شاگردن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ايف آءِ آر ۾ 20 شاگردياڻين جا نالا به شامل آهن، پوليس عملدارن موجب ايف آءِ آر ۾ 419 ۽ 420 جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.