ياسمين راشد 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ياسمين راشد جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. لاهور  جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبهر گل ياسمين راشد خلاف ادارن خلاف اشتعال انگيز بيان ڏيڻ ۽ عمارتن کي باهه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس جي جاچ آفيسر ياسمين راشد جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪندي چيو ته ياسمين راشد خلاف سرور رور ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بغاوت ۽ عوامي فساد ڀڙڪائڻ جا نوان قلم شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.