ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ ۾ نئين مقرر ٿيل آءِ جي پوليس راجا رفعت مختار کان سينئر آفيسرن جي ناراضگي لاڳيتو برقرار ، آءِ جي سنڌ جي مقرري کانپوءِ ڪيترائي پوليس آفيسر موڪل تي روانا ٿي ويا جنهن کانپوءِ صوبي ۾ گريڊ 20 ۽ 21 جي آفيسرن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، صوبي جي پوليس جو نظام هلائڻ جي لاءِ آءِ جي سنڌ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند کي وڌيڪ 3 ايڊيشنل آءِ جيز جي عهدن جون ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن. آءِ جي سنڌ رفعت مختار ان حوالي سان حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي تحت گريڊ 21 جي عمران يعقوب منهاس جي موڪل تي وڃڻ سبب خالي ٿيل ٻن عهدن جي چارج خادم حسين رند جي حوالي ڪئي وئي آهي. پوليس چيف ڪراچي خادم حسين هاڻ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ايڊيشنل آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ جون به ذميواريون نڀائيندو. هن وٽ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ جي به ذميواري هوندي. جاري ڪيل آرڊر موجب ڊي آءِ جي ٽريننگ فيضل الله ڪوريجو، ڊي آءِ جي آءِ ٽي جي چارج به سنڀاليندو. جڏهن ته ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر محمد زبير دريشڪ، ڊي آءِ جي فنانس ۽ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ جون اضافي ذميواريون به سنڀاليندو، ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ عبدالقادر قيوم، ايڊيشنل آءِ جي آپريشن ۽ ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن سنڌ جي به اضافي چارج سنڀاليندو، ٻئي پاسي سنڌ ۾ جونيئر آءِ جي پوليس رفعت مختار جي مقرريءَ تي سينيئر آفيسرز احتجاج طور موڪل تي روانا ٿي ويا آهن، اي آءِ جي فرحت جوڻيجو چارج ڇڏي ڏني، اي آءِ جي انويسٽيگيشن منير شيخ ۽ اي آءِ جي عمران يعقوب منهاس به موڪل تي روانا ٿي ويا آهن، سينيئر آفيسرز جي موڪل تي روانگي سبب پوليس ۾ وڏو بحران ٿي ويو آهي، ذريعن موجب سينيئر پوليس آفيسرز پاڻ کان جونيئر آءِ جي پوليس جي ماتحت ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ٻين صوبن مان جلد سينيئر آفيسر بدلي ڪري بحران ختم ڪيو ويندو.