ميهڙ ڀرسان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڀائر قتل، 2 زخمي

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ خميسو کوسو ۾ مڇي مارڻ لاءِ سم شاخ ۾ لڳل ٻانڌو لڳائڻ تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب 2 سڳا  ڀائر 45  سالن جو منور علي 30 سالن جو نثار احمد کوسو موقعي تي قتل ٿي ويا، جڏھن ته علي دوست سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، معلوم ٿيو آهي ته ڳوٺ خميسو کوسو ۾ کوسا برادري جي ويجھن عزيزن پڦاٽ ۽ ماروٽن ۾ مڇي مارڻ لاءِ سم شاخ تي ھنيل ٻانڌي تان تڪرار ٿيو، جنھن تي ھڪ ڌر پاران قبضو ڪري ٻانڌو ھنيو ويو ھو، مقتول ڌر ميھڙ ٿاڻي تي جوابدارن خلاف قبضي ۽ ڌمڪين جي اين سي داخل ڪئي ھئي پوليس پاران ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڌريون ھڪ بئي جي سامھون ۽ قبضو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش دوران جھيڙو ٿي پيو جنھن دوران 2  ڀائر قتل ٿي ويا، قتل ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ زخمي علي دوست ٻڌايو ته اسان جو سم شاخ تي ٻانڌو لڳل ھو ته جوابدارن راشد ، سڪندر ، گلزار ۽ ٻين حملو ڪري قبضو ڪيو اسان ٻانڊي تي وياسين ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ اسان جا 2 قتل ۽ 2  ڄڻا ٿيا آهن، ھوڏانھن زخمين کي سندن وارثن کڻي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو اطلاع باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي ھوڏانھن ڌريون ھڪ ئي ڳوٺ  ۽ ويجھا عزيز ھجڻ سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.