فيض الله جوڻيجي جي ڪتاب ”تاريخ جو سچ“ جو جائزو

تحرير: ننگر چنا

سنڌ جي تاريخ تي ڪم هُونءَ به نه هجڻ جي برابر ٿيو آهي. جيڪو ٿيو آهي اُهو گهڻو تڻو ڪاھ ڪندڙ ، گَهلِ ڪاھي ايندڙَ ڌارين جي درٻاري تاريخدانن ڪيو آهي. سنڌ جي سڄي هزارين سالن تاريخ جي ورقن تي هڪ پاسي ڌارين ، ڏاڍن، ڦورن، قابضن جي گهوڙن جون هڻڪارون، رَتَ ۾ ٻُڏَل تَرارون آهن ته ٻئي پاسي سنڌين جا لَھُوءَ ۾ لال ٿيل لاشا آهن.

سنڌين ڪرشن جي ڀاڻيجن (پانڊوَن) جي ڀيٽ ۾ ڪوروَن جو پاسو جهليو هو. تڏهن هُنَن گهڙيءَ پَلَ لاءِ به ڪَئُه نه کاڌو هو ته اڳيان ڀڳوانَ جو روپُ ڪرشن آهي. اها ڌار ڳالهه آهي ته حق تي ڪير هو، ناحق تي ڪير هو؟ ائين ئي سڄي تاريخ شاهد آهي ته سنڌين پنھنجي وطن سان اَٿاھُ پريم رکيو آهي ۽ اُنَ نِجُ نِبارَ پيار کي نڀائيندي جند جان گهوريندا رهيا آهن.

اسان جي تاريخ جو ڪارو دور ته اِهو آهي جيڪو هلي رهيو آهي ۽ دينَ ڌرمَ جي دِلبي هيٺ اسان جا پنھنجا ماڻهو واڇُنِ مان رَتُ وَهائيندا، سنڌ وطن جي روحَ کي رَهڙيندا رهن ٿا. سنڌ جي تاريخ جو قر ض نيٺ ته لاهڻو پوندو. هڪڙو قرض اُهو آهي جيڪو وطن پرست سياسي جدوجھد جي صورت ۾ لاهڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ٻيو قرض اُهو آهي ته هڪ مورخ جي حيثيت ۾ سنڌ جي تاريخ کي ڇنڊي ڦُوڪي، اُجاري اَڇو ڪري قوم کي ٻُڌائجي ته هيءُ آهي “تاريخ جو سچ”.

پاڪستان ۾ وري به ڊاڪٽر مبارڪ علي جو نانءُ کڻي چئي سگهجي ٿو ته هِنَ ماڻهوءَ تاريخ جي مضمون تي نئون ۽ ڀَلو ڪم ڪيو آهي ، پر سنڌ جي تاريخ تي سنڌ جي ڪھڙي صالح پُٽَ جو نانءُ ڳنهي سگهجي ٿو؟ سنڌ يوني ورسٽيءَ جو تاريخ وارو کاتو جنھن پنھنجي قيام کان وٺي اڄ تائين هڪڙو غلام محمد لاکو ڏنو ٻيو ته اَلا اَلا خير صلا! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب تاريخ تي گهڻو ڪم ڪيو آهي، ان جا لکين احسانَ  پر اُنَ جي ڪم موٽَ ۾ جيڪي مونجهارا پيدا ڪيا آهن، انهن جو نتيجو سنڌ قيامت تائين ڀوڳيندي رهندي.

اسان جي تاريخ جو هڪ جَرڪندڙ ۽ ڦٿڪندڙ دور آهي ڪلهوڙن جو زمانو. انهيءَ ڪلهوڙن جي دور اسان کي ڪلهوڙن جي مريدن جي صورت ۾ ڌارين جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏنو ته ٻئي پاسي غلام شاھ ڪلهوڙي جي صورت ۾ اُهو حاڪم ڏنو جنھن گهڻو تڻو سنڌ جون پراڻيون سرحدون واپس ورائي ورتيون هيون. پر تَنھن هوندي به اِها ڪلهوڙا حڪمراني ئي هئي، جنھن سبي، ڍاڍر تائين واري سنڌ ايراني سامراجي حاڪم نادر شاھ جي ڪاھَ کان پوءِ قلات جي بروهي حاڪم جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. اِهي ڪلهوڙا ئي هئا جَن پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو ۽ پوءِ سندن سوٽاڻ (دائودپوٽن) وڃي سنڌ جو هڪ ڀاڱو ڌار ڪري بھاولپور نالي رياست قائم ڪئي هئي. لسٻيلو جيڪو سنڌ جو قديم انگ رهيو آهي، سو ورائي نه سگهيا.

شاھ لطيف جي درد ۽ سُورَ جو پس منظر سمن جي زوال کان پوءِ ارغونن، ترخانن، مغلن، ايرانين.، بروهين جا ڪيل ڪوسَ، قتلامَ ۽ ڪاهون آهن، جَن جي ڪري ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ درد ئي درد آهي ، جاودان ۽ لازوال درد آهي. انهيءَ ڪلهوڙن جي دور تي اسان وٽ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي لکيل ڪتاب “تحفته الڪرام” ۾ مختصر احوال آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙي لاءِ ، جنھن 36 سال حڪومت ڪئي، انهي ڪتاب ۾ ٻه صفحا آهن. اِنَ ڪتاب کان سواءِ هڪ اهم ڪتاب “تاريخ ڪلھوڙا” مولانا غلام رسول مھر جو آهي،  جيڪو ٻن جلدن ۾ موجود آهي، پر انهيءَ مورخ جو نقطي نظر به مظلوم سنڌين جي حق ۾ ناهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيا ڪتاب “جواهرِ عباسيه”، “مرات دولت عباسيه” ، “غلام محمد لاکي جو “ڪلهوڙا دورِ حڪومت” ۽ “نامه نغز” آهن.

اسان جي قومي قافلي جو هڪ سينيئر ساٿي آهي فيض الله جوڻيجو. هُنَ جو قومي سياست ۾ صاف سٿرو ڪردار رهيو آهي. هُو سنڌ جي محب وطن جماعت “جيئي سنڌ محاذ” جو  ساٿي رهيو آهي ۽ اڄ به انهيءَ سان سلهاڙِيل آهي. فيض الله جوڻيجي سنڌ جي تاريخ جي ڪلهوڙا دور تي پنھنجو قلم کنيو آهي ۽ سندس پورهئي جو ثمر “تاريخ جو سچ” جي نانءَ هيٺ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب ٻِن بابن تي آڌاريل آهي ۽ پھريون باب سترهين صديءَ ۾ مغلن جي اندروني اقتداري ڇڪتاڻ سان گڏوگڏ مرهٽن، پٺاڻن ۽ سِکَن جي شورشن (بغاوتن ۽ آزادي جي تحريڪن) تي لکيل آهي جڏهن ته ٻيو باب سترهين صديءَ ۾ سنڌ اندر مختلف قبيلن جي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪيل ويڙهاندِ ۽ پوءِ ڪلهوڙن جي مُنڍَ کي ميان آدم (1520ع کان 1597ع) کان وٺي ميان يار محمد (1700ع کان 1719ع) تائين بيان ڪيو ويو آهي. اِهي ٻه باب 256 صفحن تي پکڙيل آهن ۽ انهن ۾ اسان جي انهيءَ دور جي اها ڪٿا بيان ڪئي وئي آهي ، جنھن تي وڏي ميرَ چڙهيل هئي. پير حساام الدين راشدي جيئن مڪلي نامو تي محنت ڪئي هئي، ائين جيڪڏهن هُو سنڌ جي ٻي تاريخ تي به قلم کڻي ها ته کوڙ مامرا نبريل هجن ها. سائين جي ايم سيد “سنڌوءَ جي ساڃاھ” ۽ “سنڌ جا سورما” لکي اسان کي هڪڙي ڏَسا ڏيکاري ڇڏي ته هِنَ رخ ۾ اڳتي وڌڻ جي گهرج آهي. عبدالواحد آريسر “سَرَ ۾ سانجهيءَ ويرَ” ۾ سنڌ جي تاريخ جون رڳو جهلڪيون ڏنيون آهن. اڪرام ساگر عباسيءَ ٿورڙو ڪم ڪيو آهي، باقي ڪل پيران دا خير.

پر هاڻ هيءُ ڪتاب هڪ سَنجيدي ڪوشش آهي، جنھن اسان کي ڪلهوڙ ا دور تي نئون، جامع ۽ ڀرپور تجزيو ڪري، شاھ عنايت شھيد جي واقعي کي سمجهڻ جو بنياد به فراهم ڪيو آهي ته ٻئي پاسي ميان يار محمد جي قلات جي بروهين وٽ هيڻي پَوڻ جا ڪارڻ به ٻڌايا آهن. محترم فيض الله جوڻيجو ڪتاب بابت لکي ٿو، “هڪ ساڃاھَ وَندَ قومي فرد ۽ ڪارڪن لاءِ اِنَ ڳالهه جي اشد ضرورت هوندي آهي ته اُهو پنھنجي تاريخ کان چڱيءَ ريت واقفيت حاصل ڪري . جتي سندس قومي وڏڙن ۽ سُورمن ڪوتاهيون ڪيون، انهن مان سبق حاصل ڪري، جتي همت ، بھادري ۽ دانائي جا ڪردار نظر اچن، انهن مان اُتساھ وٺي.” هُنَ نه رڳو پاڻ سنڌين جي تاريخي ڪردارن جي ڪارنامن مان اُتساھ ورتو آهي، پر اها ميڙي چُونڊي گڏ ڪري اسان تائين به پھچائي اٿس. جوڻيجو صاحب ڪتاب جي مھاڳ ۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، “چيو ويندو آهي ته تاريخ جي موضوع کي غيرجانبدار ٿي جاچڻ ۽ لکڻ گهرجي. اِهو اصول ممڪن آهي ته ڪنھن تاريخ نويس لاءِ قابلِ قبول هجي ۽ اِهو اصول اُنَ سان ئي لاڳو ڪري سگهجي ٿو . پر آنءُ اِنَ اصول کان پاڻ کي آجو ٿو سمجهان، ڇو ته مان تاريخ نويس نه بلڪه قومي ڪارڪن آهيان. تنھنڪري هڪ ورڪر تي تاريخ جا اصول مڙهڻ، ورڪر جي ڪاز سان ناانصافي ٿيندي. تاهم مون هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته دليل جو دامن نه ڇڏجي. مون پاڻ کي جذباتي ٿيڻ کان بچائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي آهي.”

مون کي آغا سليم جو اُهو پَڇاڙڪو انٽرويو ياد ٿو اچي جيڪو  هڪ ٽي وي چينل تي هليو هو ، جنھن ۾ هُنَ ڪلهوڙن جي معاشي پروگرام ۽ سڌارن تي ڳالهائيندي چيو هو ته ، “ڪلهوڙن وٽ به معاشي نظام جي صورت اهڙي ئي هئي جھڙي شاھ عنايت شھيد وٽ…. مان ميان الياس محمد (؟ يا ڪو ٻيو نالو کنيو هئائين، هن وقت مون کي ياد نه ٿو اچي ) جي ڪردار کي آڏو رکي هڪ ناول لکڻ چاهيان ٿو.” پر آغا سليم کي موتَ مُھلَتَ نه ڏني . ڪلهوڙن جي تاريخ تي، انهن جي معاشي پروگرام تي ڪنھن نه ڪنھن کي اڳتي وڌي قلم کڻڻ گهرجي. اسان جيسين پنھنجي تاريخ جا مالڪ پاڻ نه ٿا ٿيون، تيسين مستقبلُ آدم خورَ جيئن رَتَ هاڻا ڏَندَ ڏيکاريندو رهندو.

محترم فيض الله جوڻيجي کي جَسَ هجي جنھن تاريخ جھڙي ڳَري موضوع تي، خاص ڪري سنڌين پاران نظر انداز ڪيل ۽ هِنَ ملڪ جي مالڪن پاران ڌِڪاريل مضمون تي قلم کڻي هڪ اهم ڪتاب اسان جي حوالي ڪيو آهي.

(16 جون 2023ع_13 آکاڙ 1397 سنڌي سنبت ).

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.