جيئن ته ڊينگي پنهنجو سر وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ خوف پيدا ڪيو آهي ته ويڪٽر مان پيدا ٿيندڙ بيماري ايندڙ هفتي ۾ آبادي جي وڏي حصي کي متاثر ڪرڻ جا امڪان آهن، مليريا جي پيٿوجنز کي کڻندڙ مڇر هڪ ڏينهن ۾ سئو کان وڌيڪ ڪيسن جي رپورٽن سان پنهنجو دائرو وڌايو. ميٽروپوليس جي هڪ وڏي ٽيٽيري ڪيئر پبلڪ سيڪٽر اسپتال ۾ ٻڌايو پيو وڃي.
صحت گھرن کان گڏ ڪيل معلومات ظاهر ڪري ٿي ته مليريا گذريل ڪجهه مهينن کان هڪ وڏي پريشاني جو سبب بڻيل آهي، شهر ۾ سوين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ سرڪاري انگ اکر حقيقت جي ابتڙ آھي. صحت کاتي جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه مهينن دوران مليريا جا چند سئو ڪيس سامهون آيا آهن، ان جي برعڪس سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي صورتحال ان جي ابتڙ آهي جتي هزارين ماڻهو مڇرن سبب پيدا ٿيندڙ بيماريءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن.
سرڪاري انگ اکرن موجب
سرڪاري انگن اکرن موجب صرف آگسٽ ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ 31 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪراچي ۾ مئي ۾ مليريا جا 213، جون ۾ 255، جولاءِ ۾ 277 ۽ آگسٽ ۾ 474 ڪيس رپورٽ ٿيا. سرڪاري انگ اکرن موجب گهٽ ڪيس ۽ موت جي شرح کي ناھي ڏيکاريو ويندو. اسپتال انتظاميا سوين مريضن ۾ ٽن موتين جي رپورٽ ڪن ٿيون. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي جا 828 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن پر حيرت ڪندڙ ڳالهھ اھا آھي ته جن ۾ هڪ به موت ناهي ٿيو.
جڏهن ته سنڌ انفيڪشن ڊيزيز اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر مان گڏ ڪيل انگن اکرن موجب هن سال مئي ۾ مليريا ۽ جون ۾ هڪ مريض ڊينگي سبب فوت ٿي ويو. جڏھن ته هن سال اسپتال ۾ ڪل 320 مريضن (مئي ۾ 37 ۽ جون ۾ 52) مليريا جو علاج ڪيو، جتي مريض داخل ٿي ويا آهن جولاءِ ۾ 52 ڪيسن مان گذريل مهيني 133 ڪيس ظاھر ٿيا.
هن سال اسپتال ۾ ڊينگي جي 102 مريضن جو پڻ علاج ڪيو ويو آهي. هن مهيني (سيپٽمبر) ۾ 14 مليريا ۽ 5 ڊينگي جا مريض علاج لاءِ داخل ڪيا ويا. انڊس اسپتال ڪورنگي ڪيمپس جي ترجمان موجب اسپتال ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ مليريا جا 20 ۽ 36 مريض داخل ٿيا. ان کان سواءِ گذريل ٻن مهينن دوران ڊينگي جا 8 مريض علاج لاءِ داخل ڪيا ويا.
ترجمان موجب هن وقت اسپتال ۾ مليريا جا 9 ۽ ڊينگي جا ٽي مريض علاج هيٺ آهن. ڊيٽا ۾ تفاوت جو هڪ وڏو سبب اھو به آھي ته مليريا ۽ ڊينگي جا گهڻا مريض ڪلينڪ ۾ رپورٽ ته ڪيا ويندا آھن پر اسپتالن جي انتظاميا جيڪا ڊيٽا صحت کاتي کي فراهم ڪندي آھي ان ۾ ڪا به صداقت ناھي ھوندي.مليريا جي وبا خطرناڪ صورتحال ۾ تبديل ٿي رھي آھي.حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سرڪاري انگن اکرن ۾ ڊاڪٽر روٿ ڪي ايم ۾ مليريا جي سئو کان وڌيڪ ڪيسن جو ڪو به ذڪر ناهي.اسپتال جي ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر قلب حسين موجب، هن هفتي مليريا جي ڪيسن ۾ ڊرامائي اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب يونٽ ۾ روزانو 500 کان وڌيڪ ڪيسن مان هڪ سئو کان وڌيڪ مريض مليريا جا داخل ٿيا. مريضن ۾ وڏي تعداد ۾ بالغ شامل هئا جيڪي شهر جي مختلف حصن مان داخل ٿيا.مليريا ۽ ڊينگي وبا پکڙجڻ جي سبب بابت، هن چيو ته شهر ۾ موجود غير صحتياب صورتحال صفائي جا انتظام نه ھجڻ برابر آھن.شھري انتظاميا اسپري ڪرائڻ کان لاچار آھي جن سبب مڇرن جي وڏي پئماني تي وڌڻ شھري حڪومت جي ۽ صحت کاتي ذميواري آھي.
هن جي مطابق، مليريا جي اڪثر ڪيسن ۾ شامل آهي Plasmodium vivax – مليريا جي ڇهن قسمن مان هڪ آهي جيڪا عام طور تي انسانن کي متاثر ڪري ٿي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن مطابق گهڻا مريض لياري، شيرشاهه، لي مارڪيٽ، حب چوڪي، گڊاپ ۽ هاڪس بي کان ايندا آهن.
ڊينگي جو خوف
سرڪاري انگن اکرن موجب ملير سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ضلعو آهي، جتي مئي کان وٺي مليريا جي ڪيسن ۾ بتدريج اضافو ٿي رهيو آهي (120 ڪيس). جون ۾ مجموعي طور تي 156، جولاءِ ۾ 173 ۽ آگسٽ ۾ 254 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته لوڪل گورنمينٽ پاران ڪارروائي نه ڪئي وئي.
سرڪاري انگ اکرن موجب ايندڙ هفتن ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگھي ٿو. جنھن جو وڏو سبب صفائي جو ناقص انتظام ۽ موسمي حالتون ڊينگي مڇر جي وڌڻ ۾ مدد ڪري ٿي.