ڪراچي جو بانيڪار ۽ قديم ڪاروباري مرڪز لياري جيڪو پنهنجي اوائلي ۽ قديم نالن ڪلانچي، مونٽو بارا، ۽ ڪراچي جي سمنڊ جي تاريخي قصي طور مشهور” ڪلاچي جو ڪن “مورڙو ميربحر سندس ستن ڀائرن جي حوالي سان سنڌ جي لوڪ داستانن ۽ ملڪ ۾ فٽبال راندين جي مرڪز ۽ باڪسنگ جي عالمي مشهوري ماڻيندڙ رانديگرن جي نالن سان مشهور آهي. ڪراچي بندرگاهه سان لڳو لڳ آباد قديم لياري ۽ ان جي سامهون ڪراچي جي ڪاروباري ماڻهن ۽ سرندي وارن جي اڏايل ڪراچي جي قلعي واري مرڪز ۽ ان جي مشهور دروازن ۾سمنڊ واري پاسي کلندڙ کارادر، لياري ندي جي مٺي پاڻي واري پاسي کلندڙ دروازي ميٺادر وارا ماڳ ۽ آثار اڄ به ڪراچي جي قديم سڃاڻپ، تاريخي آثار ۽ ثقافتي علامتون آهن. لياري پنهنجي قدامت جي لحاظ کان هن خطي ۾ هڪ قديم واپاري مرڪز، بندرگاهه ۽ گهريلو صنعتن جو مرڪز رهيو آهي. لياري جي ذڪر سان اتي موجود پنهنجن سان گهاريل سالن جو يادون ۽ محبتن جا ميلا ۽ ثقافتي، علمي، سياسي ۽ سماجي محفلن جا منظر ذهن ۾ اڀري اچن ٿا. اڄ به محبتن ۽ ثقافتن جو مرڪز ۽ خوبصورت ماڻهن ۽ دل وارن جو شهر آهي .ڪراچي کي جنم ڏيندڙ لياري ۽ لياري جي برادرين ۾ عام راءِ ۽ تاثر اهو آهي ته، پنهنجي شهر ڪراچي ۾هنن کي پٺتي ڌڪيو ويو آهي ۽ کين اجايو بدنام ڪيو ويو آهي ۽ هنن جون حق تلفيون ڪيون ويون آهن ۽ کين ڪراچي جي خوشين ۽ خوشحالي جي نعمتن کان ڌڪي ڌار ۽ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. انهي سموري مهم ۾ ڪراچي جي اردو ميڊيا ظالماڻو ۽ ناانصافي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي ته وري ٻئي پاسي پنهنجي سنڌي ميڊيا ٽي وي چينلن ۽ اخبارن پڻ هنن کي نظر انداز ڪيو آهي ۽ بي يار و مددگار ڇڏي ڏنو ويو آهي.
لياري جي بحالي ، تعليم، صحت، روزگار ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ شرڪت ۽ وڌ ۾ وڌ سهڪار مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ گريجوئيٽس ائسو سئيشن جي لياري شاخ طرفان ڪمن جي شروعات ڪئي ويئي آهي. ان ڏس ۾ سگا هيڊ آفيس جي مظهر ميمڻ ريسورس سينٽر رمپا پلازه صدر ڪراچي ۾ اهم تقريب ڪوٺائي وئي . جنهن ۾ سگا جي بانيڪار ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي خطاب ۾چيو ته، لياري، ڪراچي شهر جي ماءُ ۽ ڪراچي سنڌ جي جسم ۽ جان ۽ قوم جي مستقبل سازي ۽ جياپي ۾ وڏي اهميت جو مرڪز ۽ لازمي حصو آهي. اهڙي ريت، سنڌ، سموري ملڪ جي جياپي ۽ بقاء لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو ۽ سنڌ کانسواء پاڪستان جو به ڪو مستقبل نه آهي. هن چيو ته لياري ۾ سنڌي اسڪولن جي بحالي تمام ضروري آهي، هن وڌيڪ چيو ته، لياري ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ ۽ قابليت موجود آهي خاص طور تي لياري جي نياڻين جي صلاحيتن اسان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي ، اهڙي ريت، لياري جي نوجوانن پڻ پنهنجي تعليم، راندين ۽ ٻين سماجي ۽ جاڳرتا وارن ڪمن ۾ هميشه پاڻ کي مڃرايو آهي. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جو چوڻ هو ته، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لياري جي نون نسلن ۾ هنري تعليم ۽ مختلف ٽيڪنالاجي جي سکيا کي وڌايو وڃي ته انهي سان لياري وري پنهنجو وڃايل مقام نه صرف حاصل ڪري سگهي ٿو پر ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ پڻ پنهنجو رهنما ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي هن پنهنجي اداري زيبسٽ طرفان ٽيڪنالاجي جي سکيا جي پراجيڪٽ زيبٽيڪ طرفان لياري ۾ هنري مرڪز قائم ڪرڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري تعليم ۽ سگا لياري شاخ جي صدر اشفاق احمد ميمڻ جي مدد سان سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ ۽ انهن جا انتظام سنڀالڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب جي خاص مهمان آمريڪا جي سنڌي سماجي شخصيت انجنيئر طفيل احمد ميمڻ خطاب ۾ چيو ته، سنڌ ۾ سگا جي پليٽ فارم تان تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي خاص طور تي سنڌي جي پٺتي پيل علائقن ۾تعليم جي شعبي روشن تارا اسڪول، شاندار نموني علم جي روشني پکيڙي رهيا آهن ۽ نئين نسل جي سکيا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هو پاڻ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جو گريجويٽ آهي ۽ 20 سال ڪراچي جي اسٽيل ملز ۾ انجنيئر طور ڪم ڪرڻ بعد پنهنجي خاندان سميت ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا ۾منتقل ٿي ويس پر اتي ذهن ۾ اڪثر اها مانڌاڻ متل رهي ته اسان جنهن پنهنجي وطن مان پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ سموريون خوشيون خوشحاليون ۽ بخت حاصل ڪيا ان وطن، ملڪ ۽ اتي زندگي جي مشڪلاتن جو شڪار پنهنجي قوم لاءِ اسان ڇا ڪري سگهيا آهيون ته جواب ملندو هو ته ڪجهه به نه. آخرڪار پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ زندگي ۾ ڪجهه ڪري وڃڻ واري فيصلي تحت ، آمريڪا ۾ موجود هوندي هنن سنڌ جي نوجوانن لاءِ 35 اسڪالرشپس جو انتظام ڪيو ۽ اهي جاري آهن ۽ انهن ۾ اضافو پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته هو پنج سال اڳ پنهنجي گهر واري ڊاڪٽر مهرالنساء سان گڏ آمريڪا ڇڏي واپس موٽي آيا آهن ۽ هتي سماجي ۽ تعليمي ڪم ڪري رهيا آهن. انجنيئر طفيل احمد ميمڻ ٻڌايو ته ڪورونا بيماري واري سموري عرصي ۾ ماڻهن ۾ 80 لک رپين جو راشن ورهايو ۽ گذريل مها ٻوڏ ۽ برساتن ۾ پڻ ڪراچي مان 15 ڪروڙن جو راشن مليو جيڪو ضرورتمندن ۽ متاثرن ۾ ورهايو ويو آهي. اهڙي ريت هن ٿورڙي عرصي ۾پنهنجن ماروئڙن جي گهڻي خدمت ڪرڻ جا موقعا مليا آهن.
تقريب جي صدر، ميزبان سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري تعليم ۽ سينيئر ميمبر روينيو اشفاق احمد ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، لياري کي پنهنجو حق ۽ مڃتا ڏيارڻ لاءِ ڪاوشون ڪيون پيون وڃن ۽ لياري ۽ ڪراچي جي اصلوڪن ماڻهن ۽؛ هتي جي برادرين ۽ انهن جي تنظيمن جي سهڪار سان لياري ۾تعليم، صحت، ٽيڪنيڪل ادارا قائم ڪرڻ، سنڌي بند پيل اسڪول ٻيهر کولائڻ ۽ سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ ۽ لياري جي نسلن جي مستقبل سازي ۽ ترقي لاءِ هرممڪن ڪم ڪيو ويندو ۽ لياري کي وري امن ۽ روشنين جو مرڪز بنايو ويندو. تقريب کي ڊاڪٽر مهرالنساءِ ميڊم حسينه آزاد جتوئي ميمبر مرڪزي ايگزيڪٽو ڪاميٽي سگا، وقار احمد پاٽولي جنرل سيڪريٽري سگا لياري شاخ جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو، روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪٽيو ايڊيٽر ميڊم حميده گهانگهرو پنهنجي خطاب ۾ لياري جي اهميت تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته لياري جي کڏي واري علائقي ۾1947ع کان اڳ سندس والد محمد هاشم گهانگهرو مدرسه مظهر العلوم جي ذريعي لياري ۾تعليم جي شعبي ۾ وڏيون خدمتون ڪيون، سنڌ وزن جي صدر محبوب شيخ، تقريب ۾ لياري سماجي تنظيم ڪڇي مسلم جماعت جي صدر عبدالرئوف اختر، مينڌرو جماعت جي صدر انور مينڌرو، محمد حسن مينڌرو، گهانگهرا جماعت، امه حبيبه، عيشا صديقي سميت 6 شاگردياڻين خطاب ڪيو، هن تقريب ۾ لياري جي برادرين جي تنظيمن، سماجي ۽ علمي شخصيتن،سگا ڪراچي شاخ ، سنڌ انٽيليڪچوئل فورم۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ لياري جي بحالي ۽ بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هر ممڪن سهڪار مهيا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.تقريب طرفان اتفاق راءِ سان گهر ڪئي وئي ته، لياري جي حقن جي بحالي ۽ پنهنجي وڃايل سڃاڻپ موٽائڻ لاءِ ڪراچي جي سمورين برادرين ۽ قوميتن سنڌ جي حڪمرانن، ڪراچي جي حاڪمن، سنڌي ، اردو، انگريزي ميديا طرفان داد رسي ڪرڻ، سهڪار ۽ تعاون مهيا ڪرڻ جي گهر ڪئي.