منافقت جو انجام الله تعاليٰ قرآن ۾ ڪفر کان بدتر قرار ڏنو آهي ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان کي افغانستان جي حوالي سان منافقت جي سزا ملي رهي آهي. نائن اليون کان پوءِ اسان وٽ ٻه رستا ھئا. هڪڙو هي آهي ته اسان ملا عمر وانگر رسڪ کڻي آمريڪا، ان جي اتحادين بلڪھ اقوام متحده کي ’نھ ‘ ڪريون ۽ ٻيو رستو ھن عالمي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو ھو.جنرل پرويز مشرف ٻئي رستي جي چونڊ ڪئي.پوءِ جيڪڏهن آمريڪا يا ڪرزئي حڪومت پاڪستان جي مفادن جو خيال نھ پئي رکيو،تھ اسان جي جرنيلن ۾ اھا ھمت ھئن گھرجي ھا تھ اھا آمريڪي اتحاد مان نڪري وڃن ھا.پر جئين تھ اھڙي جرئت نھ ڪري سگھيا.ان ڪري پردي پويان افغان طالبان جي سپورٽ ڪرڻ شروع ڪئي.
هڪ طرف آمريڪي اتحادي ھئا. ان جي بدلي ۾ ان کان ڊالر به ورتا پئي ويا. ان کي زميني به ڏنو پئي ويو. ڊرون جا اڏا به ڏنا ويا ھئا. ملا عبدالسلام ضعيف ۽ ڊاڪٽر غيرت ڀير کي به گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو ويو. ملا عبيدالله اخوند ۽ ملا بر ادر جھڙن طالبان جي اهم اڳواڻن کي آمريڪي خوشنوديءَ لاءِ گرفتار بھ ڪيو ويو.پرٻئي طرف طالبان جي پاڪستان جي سرحد ي علائقن ۾ موجودگي ۽ سرگرمين کي ڏسندي بھ نظرانداز ڪيو ويو.جنهن سبب اتي ٽي ٽي پي کي اسرڻ جو موقعو مليو.
ٻئي طرف اسان جي جرنيل صاحبن ايم ايم اي ۽ عمران خان کي بھ ميدان ۾ لاٿو، جيڪي افغان طالبان جي حق ۾ آهن ۽ آمريڪا جي خلاف يا وري ڊرون حملن جي خلاف تحريڪون هلائي رهيا هئا. ميڊيا تي دانشورن ۽ دفاعي تجزھ ڪارن کي اھا ھدايت ھئي تھ اهي افغان طالبان کي سٺا ۽ پاڪستاني طالبان کي برا ڪري سڏين.
حلانڪھ اھي هڪ سڪي جا ٻھ رخ ھئا. آمريڪا اسان تي ڊبل گيم جو الزام لڳائيندو رهيو پر اسان نه سڌرياسين.پوءِ جڏهن اسان جا سرحدي علائقا ۽ سوات جنگ جا ميدان بڻجي ويا ته پوءِ حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني منٿون ڪندا رھيا تھ اسان جي دشمنن يعني طالبان کي پناھ ڏيڻ کان پاسو ڪيو پر اسين پنھنجا ھزارين لاش کڻڻ بعد بھ باز نھ آياسين. هڪ مرحوم جرنيل صاحب ٽي ويءَ تي ايتري تائين چوندو رهيو ته ”مورخ اھو لکندو ته هڪ ڀيرو پاڪستاني فوج آمريڪا جي هٿيارن سان سوويت يونين کي شڪست ڏني۽ ٻيو ڀيرو پاڪستاني فوج آمريڪي ھٿيارن سان آمريڪا کي شڪست ڏني“
آمريڪا پاڪستان کي لالچ بھ ڏني ۽ دٻاءَ بھ وڌو پر جڏھن ڪو بھ نسخو ڪم نھ آيو تھ، ھن مڪمل يوٽرن ورتو. آمريڪا قطر معاهدي تحت افغانستان کي ٻيهر طالبان جي حوالي ڪري ڇڏيو، آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي جي اڳوڻي ايڊوائيزر جان بولٽن پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جڏهن پينٽاگون وغيره صدر ٽرمپ کي ٻڌايو تھ اسان جي نڪرڻ سان اتي القاعدھ ، ٽي ٽي پي ۽ داعش جھڙيون تنظيمون مضبوط ٿي سگھن ٿيون تھ ٽرمپ سوال ڪيو تھ اھي آمريڪا تائين پھچي نائن اليون جھڙي ڪارروائي ڪري سگھنديون تھ ان جو جواب ميلو تھ نھ.آمريڪا کي ڪو خطرو نھ آھي.جنھن تي ٽرمپ چيو تھ جيڪڏھن ائين آھي تھ پوءِ مان ڇو پنھنجا فوجي مارايان ۽ پنھنجا پئسا خرچ ڪريان.
جي اتي حالتون خراب ٿين ٿيون ۽ ذڪر ڪيل تنظيمون مضبوط آهن ته ڀلي ايئن ٿئي. پاڪستان، ايران، چين ۽ وچ ايشيائي رياستون ڄاڻن .اھڙي ريت آمريڪي ۽ نيٽو فوجن افغانستان کي طالبان جي حوالي ڪري ۽ کربين رپين جا جديد ترين ھٿيار ڇڏي ويا، جن جو ھڪ وڏو حصو ٽي ٽي پي کي بھ مليو. ڇاڪاڻ ته ان جنگ ۾ افغان طالبان سان گڏ وڙهيا رھيا هئا. تماشو ھي آهي ته افغان طالبان جي فتح جيڪا ٽي ٽي پي جي فتح هئي (مان ڪيترن ئي سالن کان تفصيل سان لکي چڪو آهيان ته ٽي ٽي پي جي هر امير افغان طالبان جي امير وٽ بيعت ڪئي آهي ۽ اهي افغان طالبان جي لاءِ نيٽو فورسز خلاف پھرين خودڪش حملا بھ افغان طالبان نه پر محسود طالبان ڪيا ھئا.انهن پاڻ وٽ افغان طالبان ۽ القاعده کي پناهه ڏني ۽ پاڪستاني رياست خلاف جنگ ان بنياد تي شروع ڪئي ھئي ته ان طالبان جي خلاف آمريڪا جو ساٿ ڇو ڏنو.)
پر افغانستان ۾ ايترو جشن نه ملهايو ويو جيترو پاڪستان ۾ ملھايو ويو هو. ان وقت جي وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانن غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون. دفاعي تجزيه نگار ۽ ريٽائرڊ جنرل ٽي وي چينلن تي خوشي ۾ نھ پيا ماپن. ان وقت جي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري صحافين کي وٺي وڃڻ ۽ اتي جشن ملهائڻ لاءِ خاص جهاز تيار ڪيو پر پوءِ ڪنهن داناءَ شخص جي چوڻ تي اهو جهاز نه موڪليو ويو. ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد ڪابل جي سرينا هوٽل ۾ مشهور زمانه چانهه جو پيالو پيتو ۽ پوءِ اسلامي امارت کي چيو ته هو ٽي ٽي پي کي ساڻن ويهاري.
اسلامي امارتن ائين ڪيو پر اهي ڳالهيون ناڪام ٿيون. هاڻي نئين فوجي قيادت ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪرڻ نٿي چاهي ۽ان جو مطالبو آھي تھ افغان طالبان، ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪن. پر ائين ڪرڻ بدران افغان طالبان پاڪستان کي ڳالهيون ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف، ٽي ٽي پي پنهنجون ڪارروايون وڌائي ڇڏيون آهن ۽ پاڪستاني پاليسي سازن جي راءِ ۾ ان عمل ۾ انھن کي اسلامي امارتن جي مڪمل حمايت حاصل آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان کي پنھنجن شرطن تي آڻڻ آهي.
تنھنڪري پاڪستان جا اسلامي امارتن سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا آهن ۽ خدا ڪري ائين نھ ٿئي، پر جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ڇڪتاڻ ڪنهن به وقت ٽڪراءَ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. منهنجي ڄاڻ موجب ٻئي ڌريون هڪ ٻئي خلاف سخت قدمن جي رٿابندي ڪري رهيون آهن.ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي مجبورين مان فائدو وٺڻ بجاءِ ھڪ ٻئي جي مجبورين کي نظر ۾ رکي ڪو پرامن حل ڳولين (جنھن جا بظاهر امڪان گهٽ لڳي رھيا آهن) پر ڇا هاڻي انهن جنرلن، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ، طالبان جي حامي دانشورن جو اخلاقي فرض ناهي ته اھي وڃي افغان طالبان ۽ پاڪستان وچ ۾ مسئلي کي سلجھائين يا وري پنهنجي ماضي جي پاليسين ۽ تجزين تي قوم کان معافي وٺن.