سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن جي فعال ھئن باجود ڪنھن بھ شھر ۾ اھڙو بندوست نھ ڪيو ويو آھي، جو مڇرن ۽ ٻين انساني صحت جي لاءِ ھاڃيڪار جيتن جڻن جي واڌ ويجھھ ۾ ڪنھن حد تائين گھٽتائي ٿي سگھي.جنھن ڪري ھن وقت سنڌ ۾ ميلريا جي زور ھئڻ سان گڏ ڊينگي جا مريض بھ وڌي ويا آھن.جنھن ڪري اھو خطرو پيدا ٿي ويو آھي تھ ايندڙ ڪجھھ ئي هفتن ۾ اها بيماري آباديءَ جي هڪ وڏي حصي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. ساڳي ريت مليريا جي مرض ۾ به اضافوٿي رھيو آھي.
ميڊيا رپورٽ موجب ڪراچي جي هڪ وڏي سرڪاري اسپتال ۾ هڪ ڏينهن ۾ مليريا جا 100 کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن. جڏھن تھ ٻھراڙين جي يونين ڪائونسل جي سطح وارين سرڪاري صحت مرڪزن، ڊسپينسرين ۽ ٻين مرڪزن ۾ ھڪ ڏينھن م گھٽ ۾ گھٽ ٻھ سئو کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿي رھيا آھن،گڏ ڪيل معلومات گذريل ڪجهه مهينن ۾ مليريا هڪ وڏو خطرو بڻجي ويو آهي. سرڪاري انگ اکر عملي طور تي جيڪا صورتحال آھي ان سان مطابقت نٿا رکن،صحت کاتي جي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه مهينن دوران مليريا جا ھڪ ھزار ڪيس سامهون آيا آهن پر اھو درست انگ ناھي، سنڌ جي باقي شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ صورتحال گھڻي سنگين آھي.جتي هزارين ماڻهو مليريا کان متاثر آهن.
سرڪاري انگن اکرن موجب صرف حيدرآباد ڊويزن ۾ آگسٽ ۾ 31 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، مئي ۾ مليريا جا 213 ڪيس ۽ جون ۾ 255 ڪيس، جولاءِ ۾ 277 ڪيس ۽ ڪراچي ۾ آگسٽ ۾ 474 ڪيس رپورٽ ٿيا پر ان ڪري ڪا به فوتگي نه ٿي.انگن اکرن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي جا 828 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان هڪ به مريض فوت نه ٿيو آهي.جڏهن ته سنڌ انفيڪشن ڊيزز اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر مان گڏ ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ سال مئي ۾ مليريا سبب 2 ۽ جون ۾ ڊينگي سبب هڪ مريض فوت ٿي ويا.هن سال اسپتال ۾ ڪل 320 مليريا جي مريضن جو علاج ڪيو ويو (مئي ۾ 37 ۽ جون ۾ 52) جڏهن ته داخل ٿيندڙن جو تعداد جولاءِ ۾ 52 مان وڌي 133 ٿي ويو.
هن سال به اسپتال ۾ ڊينگي جي 102 مريضن جو علاج ڪيو ويو، هن مهيني (سيپٽمبر) ۾ 14 مليريا ۽ 5 ڊينگي جا مريض علاج لاءِ داخل ڪيا ويا.انڊس اسپتال (ڪورنگي ڪيمپس) جي ترجمان موجب جولاءِ ۾ اسپتال ۾ مليريا جا 20 مريض داخل ٿيا ۽ آگسٽ ۾ 36 مريض داخل ٿيا، گذريل 2 مهينن دوران ڊينگي جا 8 مريض علاج لاءِ داخل ڪيا ويا، جن مان 9 مليريا جا ۽ ڊينگي جا 3 مريض ھئا.انگن اکرن ۾ تفاوت جو هڪ وڏو سبب ھي آهي ته مليريا ۽ ڊينگي جا وڌيڪ ڪيس وڏين اسپتالن بدران ڪلينڪنس ۾ اچن ٿا ۽ صحت کاتي وٽ مڪمل ڊيٽا جو ڪو سسٽم ئي نھ آھي. جنھن جي بنياد تي ڪو مناسبت تجزيو ڪري سگھجي.
ھڪ اندازو آھي تھ ھن سال اڳ جي مقابلي ۾ مليريا جا وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آھن.جنھن جو سبب ھي آھي تھ سموري صوبي ۾ صفائي سٿرائي جو ڪو جوڳو بندوبست نھ آھي. ان جي لاءِ ڦوھاري ڪرڻ جو ڪم بھ نٿو ڪيو وڃي.ڪجھھ مھينن کان صوبي ۾ ٿڌي موسم رھڻ ڪري بھ مڇرن جي وڏي پئماني واڌ ويجھھ ٿي.جنھن ڪري ٻھراڙي جو ڪو بھ گھر بچيل نھ آھي.ماھرن موجب مليريا جي اڪثر ڪيسن ۾پلاس موڊيم وائيڪس جا ڪيس آھن.مليريا جي 6 قسمن مان اھا بھ هڪ آهي جيڪا انسانن کي متاثر ڪري ٿو.ڪراچي جي ٻھراڙي ۾ مليريا جا ڪيس اڃان بھ وڌيڪ ٿي رھيا آھن.
ٻئي پاسي ڊينگي جي ڪيسن مان پڻ اڪثريت جو تعلق ڪراچي جي ملير واري علائقي سان آھي.سنڌ جي نگران وڏي وزير شروع ۾ اھو اعلان تھ ڪيو ھو تھ عوام کي مليريا جي مرض کان بچائن جي لاءِ قدم کنيا ويندا پر تاحال ان بابت ڪي بھ اھڙا انتظام ڪٿي بھ نظر نھ آيا آھن،جنھن بنيادي تي اھو چئي سگھجي تھ ان سان سنڌ جي ٻھراڙي يا شھرن ۾ ڪٿي بھ مليريا کان بچا جي لاءِ ڪي غيرمعمولي اپاءَ ورتا ويا آھن.وقت جي حڪومت کي ھن پاسي ڌيان ڏيڻ ۽ عام ماڻھو جي صحت لاءِ خطرو بڻجندڙ بيمارين کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گھرجن،جنھن سان عوام کي فائدو ٿي سگھي.
-
نوازشريف جي وطن واپسي، عوام لاءِ ڪھڙو ”نعرو“ بچيو آھي
اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ايندڙ مھيني يعني آڪٽوبر ۾ وطن ورڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. ميڊيا جي رپورٽ موجب سندس واپسي جي تاريخ جو علان ھفتي کن ۾ ڪيو ويندو.ھن وقت تھ سندس ڀاءُ ۽ ختم ٿيل حڪومت جو اڳوڻو وزيراعظم ميان شھبازشريف پڻ ملڪ کان ٻاھر آھي ۽ بنا قيادت جي سندس پارٽي جي سرگرمين ۾ ماڻھن جي لاءِ ڪو اتساھ نھ رھيو آھي.
اتحادي حڪومت جي ڪيل ترميمن ۽ عالمي اداري جي سخت شرطن قبول ڪرڻ بعد ملڪ ۾ مھانگائي جو وڏو طوفان آيل آھي،جنھن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رھيو آھي. ٻئي پاسي ”ووٽ کي عزت ڏيو “ جي نعرا ھڻڻ بعد اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيئو کڻي ھلندڙ مسلم ليگ ن جي قيادت مان عوام کي جيڪا اميد ھئي سان تھ اتحادي حڪومت حاصل ڪرڻ بعد ھنن جي جاري پاليسين مان پڌري ٿي پئي ان ڪري ھن وقت سوال ھي آھي تھ مسلم ليگ جي قيادت پاران وطن ورڻ بعد ھنن وٽ اھو ڪھڙو نعرو يا وري بيانيو ھوندو جنھن جي بنياد تي اھي عوام کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندا.
نوازشريف ھن وقت وڏي قد وارو سياسي اڳواڻ آھي پر سندس عملي سياست مان تھ ھر وقت اھو ئي ثابت ٿئي ٿو تھ اھو بھ اسٽيبلشمينٽ سان ساز باز ڪري اقتدار تائين پھچڻ چاھي ٿو.
سندس جماعت پاران سنڌ جي دوري جون ڳالھيون بھ ڪيون پيون وڃن پر مسلم ليگ ن گذريل ڪيترين ئي سالن کان سنڌ ۾ سياسي سرگرميون محدود ڪري ڇڏيون آھن.ڪي ڌريون تھ اھو بھ چون ٿيون تھ مسلم ليگ ن ۽ پ پ پ ۾ اھو فارمولو طئي ٿيل آھي تھ اھي ھڪ ٻئي جي پڪن حلقن ۾ ھڪ ٻئي جي سامھون نھ ٿيندا،پر ان جو عملي طور تي عوام کي نقصان ٿي رھيو آھي.