پورو ملڪ مڪمل طور نگرانن حوالي ٿي چڪو آهي ۽ نگران ملڪ تي حڪمراني پيا ڪن۔وزيراعظم کانپوءِ ڪالهه کان صدر به نگران بڻجي چڪو آهي۔آئين ۽ مدي جي لحاظ کان کيس ٽيون ڏينهن اٺين سيپٽمبر تي شام جو گارڊ آف آنر وٺي ايوان صدر ڇڏڻو هوس پر هن آئين کي نظر ۾ رکندي عهدو پاڻ وٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو جو آئين جي آرٽيڪل 44 جي فقري هڪ تحت اهو عهدو کيس انوقت تائين رکڻو آهي جيستائين ڪو نئون صدر چونڊجي اچي۔
صدر ڊاڪٽر علوي جو آئين تحت صدر جاري رهڻ پي ڊي ايم خاص ڪري پ پ پ , ن ليگ ۽ جي يو آءِ لاءِ وڏو ڌچڪو آهي جن پنهنجي اقتداري دور ۾ ڊاڪٽر عارف علوي کي هٽائڻ ۽ انجي محاسبي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ پنهنجو صدر آڻڻ لاءِ وڏا حيلا وسيلا به ڪيا۔پي ڊي ايم پنهنجو صدر آڻڻ پئي چاهيو پر ڪنهن هڪ نالي تي متفق نه ٿيڻ ڪري سندن خواب اڌورا رهجي ويا۔پ پ پ آصف علي زرداري کي صدر بنائڻ لاءِ زور رکيو جنهن جي نالي تي ميان محمد نواز شريف متفق نه هو جڏهن ته جي يو آءِ مولانا فضل الرحمان جي حق ۾ هئي پر مولانا سگهارين قوتن کي پسند نه هو ۽ ايئن صدر کي هٽائڻ وارو پي ڊي ايم جو ناٽڪ اڌ ۾ رهجي ويو۔
صدر عارف علوي جو نه هٽجڻ ۽ آئين تحت عهدو برقرار رکڻ به پي ٽي آءِ مخالف سياسي حلقن لاءِ هن وقت لمحه فڪر بڻيل آهي جيڪا سندن لاءِ عام چونڊن کان اڳ ئي شڪست بڻيل آهي ۔جيڪڏهن چونڊون ٿين به سهي پر پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جي ڪاميابي گهٽ ڏسڻ ۾ پئي اچي جو سندن دور ۾ مهانگائي جنهن انداز ۾ ووٽرن کي نپوڙيو آهي شايد ئي ڀرپور مينڊنٽ سان ميدان مارين۔ جيڪا صورتحال آهي ته جڏهن به چونڊون ٿينديون ڪا به پارٽي واضح اڪثريت سان ميدان ماري سگهي ۽ ايندڙ حڪومت به گڏيل سڏيل ٺهندي جيڪا پي ٽي آءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمزور ٺهندي ۽ ماضي جيان سگهارين ڌرين ڏانهن ڏسندي رهندي جيڪا ملڪ جي معاشي حالت بهتر بنائڻ ۾ شايد ئي ڪامياب وڃي.
ملڪ ۾ عام چونڊن جي انعقاد لاءِ اڃا تائين ڪا واضح تاريخ سامهون ناهي آئي جڏهن ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي عام چونڊن جي ڪيسن ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي ته آئين تحت اهي نوي ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن جنهن تي پي ڊي ايم حڪومت عمل نه ڪيو هو ۽ مختلف بهانا بڻائي هڪ ئي وقت ملڪ ۾ عام چونڊن ڪرائڻ وارو پنهنجو بيان جاري رکيو۔ساڳي اليڪشن ڪميشن هاڻ وري عام چونڊن ڪرائڻ لاءِ اهو عذر پيش ڪيو آهي ته پهريان تڪ بنديون ٿين جنهن بعد چونڊون ٿينديون جنهن تي ن ليگ ۽ ڪجهه ٻيون پارٽيون اليڪشن ڪميشن سان متفق آهن جو سندن هڪ ته ووٽ بئنڪ ڪمزور آهي ۽ چاهين ٿيون ته کين چونڊ مهم لاءِ وقت ملي۔ن ليگ ته پنهنجي اندروني ڏڦير ۾ ڦاٿل آهي جيڪا چونڊن ۾ دير چاهي ٿي جو اهي خبرون به منظرعام تي آهن ته خاقان عباسي ن ليگ ۽ ڪجهه ٻين پارٽين جي باغي اڳواڻن تي مشتمل نئين سياسي پارٽي آڻڻ جو نقشو ۽ منشور تيار ڪري ورتو آهي جنهن سان ن ليگ ويجهڙائي ۾ مستحڪم ٿيڻ بدران ويتر ڪمزور ٿي وڃي۔۽ جيئن چونڊن ۾ دير ٿيندي ن ليگ ويتر ڪمزور ٿيندي ۽ سندس ڪم ئي لهي ويندا۔ چونڊن ۾ دير ٿيڻ ڪري پ پ پ جو به وڏو نقصان آهي ۽ هن چونڊن ۾ دير کي سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ چونڊون نوي ڏينهن اندر ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي۔جيڪڏهن چونڊون دير سا ٿين ٿيون ۽ پ پ پ مخالف ڪو احتساب شروع ٿئي ٿو يا پارٽي اڳواڻن خلاف ڪا ڪارروائي ٿئي ٿي انجا پ پ پ تي سخت اثر پوندا جهڙي طرح پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ٽوڙيا ويا يا پاڻ ٽٽي ويا اهڙو منظرنامو پ پ پ ۾ ڏسڻ ايندو ۽ اهڙي ڪنهن به امڪاني منظرنامي کي نظر ۾ رکندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو به هڪ بيان ٽيون ڏينهن سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته اسان اچون يا ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ اچي پر چونڊون نوي ڏينهن اندر وقت سر ٿيڻ گهرجن سندن 14 مئي وارو موقف به ساڳيو هو۔هن هڪ وضاحت ڪئي جنهن ۾ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي ۽ چيو آهي ته پ پ پ اڳ به چونڊن ڪرائڻ جو زور ڀريو هو ۽ هن وقت به ڀري رهي آهي پر ن ليگ ۽ جي يو آءِ جا اقتدار وٺڻ ۽ ان کي جاري رکڻ وارا فيصلا غلط هئا۔هن اعلان ڪيو آهي ته هو مولانا فضل الرحمان جي جاري ڪيل بيان جو جواب جلد ڏيندو۔بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ڪميشن تي به سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ جلد چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مولانا فضل الرحمان پنهنجي بيان ۾ پ پ پ تي اهو الزام مڙهيو هو ته پي ڊي ايم اپريل 22 ۾ وچولي مدي وارين چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ هئي پر آصف علي زرداري عدم اعتماد واري تحريڪ آڻائي ملڪ جو سياسي وايو منڊل بدلرايو۔مولانا صاحب جي اهڙي بيان پي ڊي ايم کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ته انوقت هن خاموشي ڇو اختيار ڪئي ۽ بي اعتمادي واري فيصلي تي حمايت ڇو ڪئي۔مولانا سچو يا بلاول سچو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر 14 مئي وارين چونڊن جي پي ڊي ايم ۾ شامل هر جماعت ۽ انهن جي قائدين حمايت ڪئي هئي ۽ مطالبا پئي ڪيا عام چونڊون آئين مطابق اسيملين جو آئيني مدو ختم ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن نه ته اها ملڪ ۽ عوام سان ناانصافي ٿيندي۔حقيقت ۾ ته اليڪش ڪميشن جي پاسداري پي ڊي ايم ڪئي هئي ۽ ان ئي انجا حوصلا وڌايا هئا ۽ عدالتي فيصلن خلاف احتجاج طور سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هڻي معزز ججن کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪيو ويو هو جنهن جو ذڪر سپريم ڪورٽ پنهنجي ٽيون ڏينهن واري فيصلي ۾ به ڪري ڇڏيو آهي جيڪو آڊيوليڪس ڪيس ۾ ججن تي اعتراض وارڻ بابت هو۔ هاڻ اليڪشن ڪميشن پنهجي سگهه ته ڏيکاريندي هاڻ جڏهن شيڊول جاري ڪري آئين کيس اختيار ڏنا آهن اها انجي آئيني مرضي آهي۔ڪالهه اڳوڻي صدر ۽ ڪو چيئرمين پ پ پ آصف علي زرداري به اها اميد ظاهر ڪئي آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سندس ميمبر وقت تي عام چونڊون ڪرائي ملڪ کي درپيش ملڪي معاشي مسئلن کان بچائيندا۔
هن وقت بال سياستدانن جي هٿ مان نڪري نگرانن ۽ طاقتورن جي هٿ ۾ اچي چڪو آهي ڪير ٿو بالنگ ڪري ڪير نٿو ڪري هاڻ مئچ فڪس ٿي چڪي آهي رڳو فيلڊنگ ٿيڻي آهي۔ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿي چڪو آهي جنهن کي مستحڪم ڪرڻ بنا چونڊون بي مقصد ٿي سگهن ٿيون ادارن کي به مستحڪم ڪرڻ ضروري آهي۔حقيقت سياستدان ۽ پارٽيون خود به ڪنهن تاريخ تي متفق ناهن جو اليڪشن ڪميشن انجو اعلان ڪري يا ڪنهن دٻاء ۾ اچي جو هن سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جو پاڻي ڪڇي ڇڏيو آهي۔جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن نوي ڏينهن اندر چونڊن جو اعلان ڪري به ٿي ته وري به ساڳيا چهرا ميدان تي نمودار ٿيندا جن ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي آهي۔عوام ۽ ملڪ جي حالت بدلي ناهن سگهيا ۽ معاشي حالتن تي ڪو به فرق نه پوندو۔هن ڀيري عوام پهريان احتساب پوءِ مهانگائي جو خاتمو ڏسڻ چاهي ٿي سندن نظرن ۾ چونڊون ڪا به اهميت نٿيون رکن ٻه وقت باعزت ٽڪر ڀور کائڻ چاهين ٿا۔هن وقت عوام جون نظرون سياسي قيادت ڏانهن گهٽ نگرانن ۽ سگهارين ڌرين ڏانهن وڌيڪ آهن۔باقي رهيو سوال صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي منصب جاري رکڻ جو ته هو ڪهڙن شرطن تحت ايوان صدر ۾ رهي پيو آهي جيڪي بظاهر ته سامهون اچي ناهن سگهيا البته چئوٻول ته گهڻا ڪجهه هلن پيا ته ايندڙ چونڊن تائين ڪنهن هڪ ڌر جي ڌر نه رهندو۔جيئن ته هن اسيمبلي جو وجود ناهي تنهنڪري معاشي بهتري ۽ ڪڙي احتساب ڪرڻ وارا آرڊيننس ضرورت وقت جاري ڪرڻ جو پابند هوندو جن لاءِ امڪان آهن ته ڪجهه ڏينهن اندر جاري ڪيا وڃن۔بهرحال صدر ڊاڪٽر عارف علوي منصب بچائڻ لاءِ ته هر وس ڪيو پر پنهنجي پارٽي ۽ قيادت کي بچائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي۔