ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڪجهه شيون اسان اڄ تائين ڀاڄيون سمجهي کائيندا رهيا آهيون جيڪي حقيقت ۾ ميوا آهن.
چيو ويندو آهي ته ڀاڄين ۽ ميون ۾ فرق رڳو مٺاڻ جو آهي ڇو جو ميوا عام طور تي مٺا هوندا آهن جڏهن ته ڀاڄين ۾ مٺاڻ ناهي هوندو.
گھڻيون ئي اهڙيون ڪچيون غذائون آهن جن کي اسان ڀاڄيون سمجهندا آهيون پر ٽيڪنيڪي طور تي ميوا آهن.
نباتاتي علم جي اصولن موجب ميون جي تعريف اها آهي ته ٻوٽن جي گل مان پيدا ٿيندڙ نرم حصو جنهن ۾ ٻوٽي جو ٻج هجي، ميوو چورائيندو آهي ۽ ٽيڪنيڪي طور تي ٽماٽو ان تعريف تي پورو لهي ٿو.
زيتون
زيتون کي اسان ڀاڄي سمجهي پيزا تي لڳائي وڏي مزي سان کائيندا آهيون، زيتون حقيقت ۾ هڪ ميوو آهي، ان جو واسطو آڙو، انب ۽ خارڪ جهڙن ککڙين وارن ميون جي خاندان سان آهي.
کيرو
جي ها! کيرو سلاد ۾ کاڌي ويندڙ ڀاڄي ناهي پر ڪدو جيان اهو به ميوي جي خاندان جو غير امڪاني ميمبر آهي.
ڪدو
جيڪڏهن اوهان مٺي ڪدو کي ڀاڄي سمجهي کائيندا آهيو ته ڄاڻي وٺو ته اهو به ٽيڪنيڪي لحاظ سان گدري ۽ هنداڻي جيان هڪ ميوو آهي.
ڀينڊي
يقينن اهو راز خبر پوڻ کان پوءِ اوهان جي دل ڀينڊي کي ميوو مڃڻ لاءِ تيار ناهي پر اها حقيقت آهي ته ڀينڊي ڀاڄي ناهي پر ميوو آهي.
مرچ
هر قسم جا مرچ يعني ساوا مرچ، شملا مرچ يا ٻيا ميوا آهن ڇو جو مرچ ميون جي تعريف تي پورو لهن ٿا.
واڱڻ
حقيقت ۾ واڱڻ رڳو ميوو ناهي، ٽيڪنيڪي وضاحت جي لحاظ سان ان جو واسطو بيريز سان آهي.
ٽماٽو
ٽماٽن بابت ته هر ٻيو فرد مونجهاري جو شڪار نظر ايندو آهي ۽ اهو بحث به گھڻو دلچسپ آهي، ايتري تائين جو 1893ع ۾ آمريڪي سپريم ڪورٽ به ٽماٽن کي هڪ ڪيس ۾ ڀاڄي قرار ڏنو هو جڏهن ته نباتاتي ماهرن موجب ٽماٽا هڪ ميوو آهن جنهن کي ماڻهو ڀاڄي سمجهندا آهن.
ڪريلا
ڪريلا به ٽيڪنيڪي لحاظ سان هڪ ڪڙو ميوو آهن جن کي اسان ڀاڄي سمجهي کائي ويندا آهيون.
مٽر ۽ سايون ڦريون
مٽر ۽ سايون ڦريون به ٽيڪنيڪي لحاظ سان ڀاڄيون نه پر ميوا آهن.