راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ ڏينهن ڏٺي پيرسن عورت جي ڪن مان ڦورو والا ڇِڪي فرار ٿي ويا.
هن وقت سوشل ميڊيا تي انتهائي افوسوسناڪ وڊيو وائرل آهي. جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته پاڪستان ۾ وڌندڙ ڏوهن سبب بزرگ کي به نه پيو بخشيو وڃي. جنهن جو ثبوت هيءَ وڊيو آهي.
View this post on Instagram
ان وائرل وڊيو ۾ اسان اهو ڏسي سگھون ٿا ته هڪ پيرسن عورت گهٽي مان گذري رهي آهي ۽ هن جي ڀرسان هڪ موٽرسائيڪل سوار وڃي رهيو آهي ۽ پوءِ پيرسن عورت وٽ موٽي اچي هن سان ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو ۽ اوچتو هن جي ڪنن مان سونا والا ڇڪي فرار ٿي وڃي ٿو.