اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران آءِ ٽي واري وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو آهي ته سموري مُلڪ ۾ ٻه لک آءِ ٽي پروفيشنلز جي تربيت لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ نگران آءِ ٽي واري وزير ڊاڪٽر عمر سيف هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن.
ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته سموري مُلڪ ۾ ٻه لک آءِ ٽي پروفيشنلز جي تربيت لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ٽي انڊسٽري کي وڌ کان وڌ مراعتون ۽ سهولتون ڏيڻ جو پئڪيج تيار ڪري ورتو آهي.