ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ذالر ذخيرا اندوزي خلاف وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) حساس ادارا ۽ اسٽيٽ بئنڪ گرينڊ آپريشن لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي.
ذريعن موجب، ڊالر جي ذخيرا اندوزي ڪندڙ ڪمپنين ۽ ماڻهن جي نشاندهي جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ فهرستون تيار ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ۽ حساس ادارن ايڪسچئينج ڪمپينن جي ٻن سالن جي ڊيٽا حاصل ڪري ورتي آهي، غير معمولي انگ ۾ ڊالر حاصل ڪندڙ جي به فهرست تيار ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا بئنڪن مان لاڪر مالڪن ۽ سامان جا تفصيل به جمع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي اطلاع آهن ته ڊالرز وڏي انگ ۾ بئنڪ لاڪرز ۾ رکيا ويا آهن، ايف آءِ اي ڊالرز ريڪوري آپريشن ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري بئنڪ لاڪرز کي اسڪين ڪندي، ايف آءِ اي ۽ حساس ادارن کي ڊالرز ڪريڪ ڊائون ذريعي ڊالرز جي اگهه ۾ وڏي لاٿ جو يقين آهي.