اسڪينڊل مٿان ٻيو اسڪينڊل، گلشن حديد جي اسڪول جو ٻيو واقعو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلشن حديد جي خانگي اسڪول وڊيو اسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
جاچ ذريعن موجب گلشن حديد اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدار جي هڪ ٻي وڊيو پوليس هٿ ڪري ورتي آهي، جوابدار اسڪول جي ننڍي عمر جي ملازمه کي به زيادتي جو نشانو بڻايو جنهن کان پوءِ ملازمه اسڪول ڇڏي هلي وئي هئي.
واضح رهي ته جوابدار عرفان غفور پنهنجي اعترافي بيان ۾ جبري زيادتي جي ترديد ڪئي هئي.
ذريعن جو چوڻ هو ته پرنسيپال جي وڌيڪ اسڪولن جي به جاچ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته جوابدار جي زال عدالت ۾ خلع جي درخواست داخل ڪرائي آهي.
جاچ ذريعن موجب پوليس هلندڙ سال فيبروري کان جون تائين جي ڊيٽا کي به فرانزڪ لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.