ڪولمبو ۾ سج نڪري چڪو آهي، ڀارت کي شڪست ڏينداسين: بابر اعظم

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته سوچي ورتو آهي ته عالمي ڪپ لاءِ ڪهڙن رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ رکڻو آهي.

ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته دل ٽٽڻ سان ڪو فرق نه پوندو، ورلڊ ڪپ ۾جيڪو ٽيم لاءِ بهتر هوندو اهو ڪنداسين.

هن چيو ته اڍائي مهينن کان سريلنڪا ۾ کيڏي رهيا آهيون، ڀارت خلاف اسان کي سرسي حاصل ٿيندي.

بابر اعظم چيو ته ڪولمبو ۾ سج نڪري چڪو آهي، لڳي نٿو ته برسات ٿيندي، ڀارت خلاف ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان جو ڌيان متحد رهڻ، ميچن ۽ ٽورنامينٽ کٽڻ تي هوندو آهي، عالمي ڪپ لاءِ ايشيا ڪپ کي ڏسي رهيا آهيون، اسان پنهنجو اسڪواڊ ٺاهي چڪا آهيون ۽ ٽيم جي بهتري لاءِ سڀ ڪم ڪندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.