روڊن تي ڪرتب ڏيکاريندڙ ڇوڪرين جون موٽرسائيڪلون ضبط، ڏنڊ

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ روڊن تي ون ويلنگ ۽ موٽرسائيڪل تي ڪرتب ڏيکاريندڙ ڇوڪرين کي ٽريفڪ پوليس طلب ڪري ورتو آهي.
عرب ميڊيا موجب موٽرسائيڪل سوار ڇوڪريون روڊن تي ون ويلنگ، هٿ ڇڏي موٽرسائيڪل هلائڻ ۽ هلندڙ موٽرسائيڪل تي بيهي ڪرتب ڏيکارينديون آهن، جن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
دبئي پوليس ڇوڪرين جا تفصيل جمع ڪرڻ کان پوءِ کين ٽريفڪ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ طلب ڪري ورتو.
ڇوڪرين جي گروپ اعتراف ڪيو ته هو روڊن تي ڪرتب ڏيکارينديون آهن، جنهن کان پوءِ سندن موٽرسائيڪلون ضبط ڪيون ويون ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي جا چارجز لاڳو ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.