سرڪاري نوڪري کي لت، ٻني ٻارو شروع، همراهه جو زبردست آئيڊيو ڪم ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سرڪاري نوڪري ڇڏي ٻني ٻارو شروع ڪندڙ همراهه هاڻي لکين رپيا ڪمائي رهيو آهي.

ٻني ٻاري سان خاص لڳاءَ جي ڪري همراهه نوڪري ڇڏي ڏني.

کيس آبادگار بڻجڻ جو شوق هو ۽ هن پنهنجي لاءِ فارم ۾ آرگينڪ فارمنگ شروع ڪري ڇڏي.

اهو ڀارتي همراهه بلبير ڌيال آهي جنهن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ٻني ۾ ڦٽندڙ ڪو به فصل بازار ۾ وڪرو ناهي ڪندو.

بلبير هارين کي منڊي کان ٻيڻي اگهه تي گهر ۾ ئي فصل ۽ ميوا پهچائيندو آهي.

بلبير هارين کان هيڊ جو فصل ڪرائي ٿو ۽ پيهڻ بعد پيسا ڏئي ٿو.

نوڪري ڇڏڻ بعد بلبير مشينن جو سيٽ اپ جيئن تيل ڪڍڻ واري مشين، اناج جي درجابندي وغيره سميت ٻيون مشينون لڳايون آهن.

ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي فارم تي لڳل مشينن ۾ مصالحا تيار ڪري انهن کي وڪرو ڪندو آهي.

سندس سالياني آمدني هاڻي ڀارتي 10 لک رپيا آهن جيڪا پاڪستاني اڃا وڌيڪ ٿئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.