آڊيو ليڪس بابت فيصلو، سس سوڀاري، انصاف هارائي ويو !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) آڊيو ليڪس جاچ ڪميشن خلاف ٻڌڻي ڪندڙ چيف جسٽس جي سربراهيءَ  ۾ جوڙيل بئنچ گذريل حڪومت  جي اعتراض واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

گذريل  حڪومت بئنچ جي سربراهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ ٻن ججن جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منيب اختر  تي اعتراض ڪيو هو ته آڊيو ليڪس ۾ اهي سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث آهن ۽ مفادن جو ٽڪراءُ ٿيندو ان ڪري مٿيان جج هن پٽيشن تي ٻڌڻي نه ڪن عدالت  جي ٻين ججن تي ٻڌل بئنچ جوڙي وڃي جيڪا فيصلو  ڪري پر چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ اها درخواست رد ڪري ڇڏي.

ان سلسلي ۾ سينيئر صحافي عبدالقيوم  صديقي فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو ته اصل ۾ اڄ  انصاف هارائي ويو ۽ سس  سوڀاري  ٿي وئي آهي. فيصلي تي حيرت  ان ڪري نه ٿي آهي. جو اڳ ئي اهڙو فيصلو  اچڻ جي اميد هئي.

صحافي جهانزيب عباسي جو چوڻ هو ته جڏهن فوجي  عدالتن خلاف ٻين سان گڏ جسٽس (ر)  جواد ايس خواجه جي درخواست آئي ۽ ٻڌڻي ٿي ته جسٽس منصور علي شاهه تي اعتراض  ڪيو ويو ته هو جسٽس (ر)  جواد ايس خواجه  جو مائٽ  آهي ته جسٽس منصور علي شاهه بئنچ کان الڳ ٿي ويو پر افسوس ته چيف جسٽس ايئن  نه ڪيو ڇو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سس جي آڊيو  به ليڪ ٿي چڪي آهي، ان ڪري اخلاقي ۽ قانوني طور چيف جسٽس کي بئنچ ۾ ويهڻ نه گهرجي ها.

نامياري صحافي رضوان رضي تبصرو ڪندي چيو آهي ته فيصلو ايئن آهي ته ” منهنجي عدالت، منهنجي  سس، منهنجي مرضي “  ان ڪري ان فيصيلي جي ڪابه قانوني ۽ اخلاقي حيثيت نه آهي.

نوٽ:هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 9 سپٽيمبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.