اليڪشن تاريخ جو اعلان ڪيو، عمران جو پيغام، علوي جو انڪار

لاهور (عوامي آواز نيوز) صدر عارف علوي سان وڪيل علي ظفر ڊگهي ملاقات ڪري عمران  خان جو پيغام پهچايو ته عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو پر صدر علوي تاريخ جو اعلان  ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي .

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته هن وقت عمران خان جي ترجماني وڪيل علي ظفر ڪري رهيو آهي. اهي به اطلاع آهن ته علي ظفر جي موجودگي ۾ هڪ اجلاس به ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ صدر علوي  کي مدو پورو ٿيڻ جي آخري ڏينهن تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر صدر علوي ايئن ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سيد عمران شفقت پنهنجي تجزئي ۾ اهو به چيو ته صدر علوي انتهائي اهم عهدي تي رهي به جهڙي طرح پي ٽي آءِ جو پاڻ کي ٽائيگر ثابت ڪيو آهي اهو سڀ ڪجهه رياستي ادارن جي ڄاڻ ۾ آهي.

ان ڪري نٿو لڳي ته هو چاهيندي به وڌيڪ عرصو عهدي تي رهي سگهندو. ڇو ته هينئر تائين صدر علوي عهدي تي رهندي جيڪي حرڪتون ڪيون آهن، اهي رڪارڊ تي آهن ان ڪري عارف علوي هاڻي اعتبار جوڳو نه رهيو آهي. ان ڪري کيس وڌيڪ عرصي لاءِ عهدي تي ويهاري وڌيڪ حرڪتون ڪرڻ جو موقعو بلڪل به نه ڏنو ويندو.

نوٽ:هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 9 سپٽيمبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.