اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سيپٽمبر مهيني ۾ اهم تبديلن جي شروعات ٿي وئي آهي. صدر عارف علوي جي مدت پوري ٿي وئي، ڏسڻو آهي ته ايندڙ صدر جي چونڊ تائين ايوان صدر ۾ رهي ٿو، جيڪو سندس آئيني حق آهي، جيستائين نئون صدر نٿو چونڊيو وڃي تيستائين صدر علوي عهدي تي موجود رهي سگهي ٿو.
اهو به ممڪن آهي ته صدر عارف علوي آئيني مدت پوري ٿيڻ سبب استعيفا ڏئي ايوان صدر خالي ڪري وڃي، ان صورت ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي يا قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف قائم مقام صدر طور عهدو سنڀالي سگهي ٿو.جڏهن ته هفتي بعد چيف جسٽس عمر عطا بنديال به رٽائر ٿي ويندو.
15 سيپٽمبر جمعو چيف جسٽس جو عدالت ۾ آخري ڏينهن هوندو. ڇو ته 16 سيپٽمبر ڇنڇر ۽ آچر موڪل جا ڏينهن آهن. ساڳي طرح اسٽيبلشمينٽ ۾ به گجرانوالا جي ڪور ڪمانڊر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت اٽڪل 5 جنرل رٽائر ٿي رهيا آهن. ميڊيا ۾ اهي خبرون هلي رهيون آهن ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم کي ملازمت مدي ۾ واڌ ڏني پئي وڃي پر اڃا تائين باضابطا نه ته نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي ۽ نه ئي اعلان ٿيو آهي.
سياسي تجزئي نگار چئي رهيا آهن ته سيپٽمبر ۾ اهم تبديلين جا اثر مجموعي طور ملڪي حالتن تي به مرتب ٿيندا.
نوٽ:هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 9 سپٽيمبر 2023 تي شايع ٿي