مراڪش ۾ زلزلي جي تباهي، اٺ سئو کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار، هزارين زخمي

رباط ( ويب ڊيسڪ ) مراڪش ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ اٺ سئو کان ٽپي ويو آهي، جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ۽ ڪيئي اڃا تائين ملبي هيٺان دٻيل آهن.

مقامي ميڊيا موجب، زلزلي ۾ ڪيئي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا جڏهن ته يونيسڪو طرفان عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنل تاريخي عمارتن کي به نقصان رسيو آهي.

آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب مراڪش جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ آيل زلزلي جي شدت 6 ڏهائي اٺ رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز مراڪش شهر کان 75 ڪلوميٽر ڏور اطلس جو جابلو سلسلو هو ۽ زمين اندر گهرائي 18 ڏهائي پنج ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي .

ميڊيا رپورٽن موجب، زلزلي کانپوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب عوام گهرن ۾ وڃڻ بدران روڊن ۽ کُليل هنڌن تي اچي ويو آهي ۽ اختيارين طرفا عوام کي خبردار ڪيو ويو آهي ته پنهنجي گهرن ڏانهن نه وڃن .

مراڪشي اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 8 سئو کان ٽپي ويو آهي جڏهن ته ٽي سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، جنهن ۾ گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ان کانسواءِ اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل آهن جنهن سبب فوتگين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي عمارن کي جزوي نقصان پهتو آهي، زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ رليف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ عوام کي اسپتالن ۾ رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.