اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران حڪومت گئس جي شعبي جا نقصان عوام تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو جنهن کانپوءِ ايندڙ هفتي گئس جي قيمت ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، نگران سرڪار گئس جي شعبي جا نقصان عوام تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ گئس جي سيڪٽر جو ساليانو نقصان ساڍا ٽي سئو ارب رُپيا آهي جڏهن ته مجموعي گردشي قرض ستاويهه اربن تائين پهچي چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نقصانن جي منتقلي کانپوءِ گئس جا اگهه وڌي ويندا، سوئي ناردرن جي ٽيرف ۾ چار سئو پندرنهن رُپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن لاءِ 417 رُپيا في ايم ايم بي ٽي يو اضافو ٿيندو، گئس جي قيمتن ۾ واڌ بابت اوگرا اڳواٽ ئي سمري منظور ڪري چڪي آهي.
ذريعن موجب، اوگرا حتمي منظوري ۽ قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن اُماڻيو هو، ايل اين جي ۽ قدرتي گئس جي درآمدي ٽيرف جو فرق به ختم ڪيو ويندو.
آءِ ايم ايف معاهدي موجب، گئس جا نوان اگهه پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندا، توانائي واري وزارت اگهن ۾ واڌ بابت باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.