مدد بدران تنگ ڪيو پيو وڃي، ٺٽي آيل ماهر جوڙي واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

مڪليءَ جو تاريخي قبرستان نه رڳو سنڌ جو قديمي پر ايشيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان پڻ آهي، ڏهه ڪلوميٽر ايراضي ۾ ڦهليل ان قبرستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک تائين چار سئو سال پراڻا مقبرا ۽ مزارون موجود آهن، جيڪو قبرستان سنڌ ۾ سما دور جي حڪمراني ۾ جڙيو ۽ سما دور جي  ناليواري جنرل ۽ سنڌ جي هيرو دولهه دريا خان جي مزار به ان ئي قبرستان ۾ موجود آهي. تاريخي ماڳ هجڻ ڪري سڄي دنيا مان سياح ٺٽي ويجهو ان قبرستان ۾ سياحت جڏهن ته آرڪيالاجي جا ماهر اتي تحقيق ڪرڻ ايندا رهندا آهن، جن جو مقصد سنڌ جي سگهاري ثقافت ۽ تاريخ جي وڌيڪ وضاحت ڪرڻ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.