ارشد شريف قتل ڪيس ۾سندس زال جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار

ڪينيا ۾ قتل ٿيل صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي عدالت سندس گهرواري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا آهن.

ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ ٿي، پر مقتول صحافي جي زال سميعه ارشد بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش نه ٿي.

جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه ارشد شريف جي گهرواري ۽ پروڊيوسر علي عثمان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا.

ياد رهي ته صحافي ارشد شريف کي گذريل سال 23 آڪٽوبر تي ڪيينا ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي دوران قتل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.