ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا فريال محمود چيو آهي ته جيڪڏهن هوءَ شوبز انڊسٽري جو حصو نه هجي ها ته ڊانسر هجي ها ۽ جيڪڏهن ڊانسر به نه هجي ها ته ضرور چور هجي ها.
تازو ئي فريال نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ اداڪارا ٻڌايو ته جلد سندس ٻه فلمون رليز ٿيڻ واريون آهن جيڪي پرڏيهه ۽ پوءِ پاڪستان جي سينيما گھرن ۾ رليز ٿينديون.
شو دوران اداڪارا ٻڌايو ته سندس فيملي جو واسطو شوبز سان هو ان ڪري هوءَ شروع کان ئي اهو سوچيندي هئي ته هوءَ انڊسٽري ۾ ويندي ۽ پنهنجو ڪيريئر بڻائيندي.
فريال محمود ٻڌايو ته منهنجي ماءُ اداڪارا سان گڏ گلوڪارا به هئي ۽ منهنجو نالو ميوزڪ ڊائريڪٽر هو.
اداڪارا اهو انڪشاف به ڪوي ته 12هين جماعت کان اڳ کيس مختلف اسڪولن مان ڪڍيو ويو هو جنهن جو سبب هن ٻڌائيندي چيو ته مون کي اسڪول مان ان ڪري ڪڍيو ويندو هو ڇو جو آئون ماڻهن کي گھڻو ماريندي هيس، هڪ اسڪول ۾ آئون ڇوڪريءَ جون پاسيريون ڀڃي ڇڏيون هيون.
سندس چوڻ هو ته آئون گھڻي ننڍي هيس ۽ مون کي وڙهڻ ايندو هو، هڪ جاءِ تي ڇوڪري سان جهيڙو ٿي ويو، آئون کيس ماريو ته سندس پاسيريون ڀڄي پيون جنهن کان پوءِ اسڪول انتظاميا مون کي ڪڍي ڇڏيو.
پروگرام جي ميزبان اداڪارا کان سوال ڪيو ته آئون ٻڌو آهي ته اوهان چيو هو ته جيڪڏهن اوهان اداڪارا نه هجو ها ته چور هجو ها، ڇا اها ڳالهه سچ آهي؟.
جواب ۾ فريال محمود حيران ٿي وئي ۽ کلندي پنهنجي بيان جي وضاحت ڏني ته جيڪڏهن آئون اداڪارا نه هجان ها ته ڊانسر هجان ها ۽ جيڪڏهن ڊانسر به نه هجان ها ته ضرور چور هجان ها ڇو جو مون کي لڳندو آهي ته ائون وڏا وڏا ڌاڙا هڻي سگھان ٿي جيتوڻيڪ آئون اداڪاري سٺي ڪندي آهيان ته آئون ڪنهن کي به کپائي کائي سگھان ٿي.