اسلام آباد (م ڊ) جوڊيشل ڪامپليڪس ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي ان کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪليو ويو آهي، پنجاب جي اڳواڻي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف جوڊيشل ڪمپيلڪس ڀڃ ڊاهه ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين ڪئي، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا نويد پرويز الاهي جي وڌيڪ 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته ان کان اڳ پرويز الاهي جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڊيوٽي جج ڏنو، جج ابو الحسنات ذوالقرنين چيو ته پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جا دستاويز جمع ڪرايو، جنهن تي وڪيل چيو ته پرويز الاهي جو نالو جوڊيشل ڪامپيلڪس ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ ٻن ڏينهن اڳ نامزد ٿيو، پرويز الاهي خلاف ڪيترائي سياسي ڪيس ٺاهيا ويا آهن، هن کي لاهور مان اغوا ڪري اسلام آباد آندو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو، جج ابو الحسنات ذوالقرنين پرويز الاهي جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا کي رد ڪندي ان کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيو.