ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪڏهن ڪڏهن غلطي سان ائين ٿي ويندو آهي ته ڪا يادگار تصوير يا وڊيو غلطي سان ڊليٽ ٿي ويندي آهي.
جيڪڏهن اوهان سان به ائين ٿيو آهي ته اوهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.
ڇو ته اسان هتي اوهان کيٻڌائينداسين ته فوٽوز ۽ وڊيوز کي ڪيئن واپس آڻي سگهجي ٿو.
پهريون طريقو آهي، ري سائڪل بن چيڪ ڪرڻ جيڪا ڪجهه فونز ۾ به هوندي آهي. اينڊرائيڊ اسمارٽ فونز جي گيلري ايپس ۾ بلٽ ان ري سائيڪل بن يا ٽريش جو بٽڻ هوندو آهي، ان مان اهي تصويرون يا وڊيوز کي ڊليٽ ڪرڻ بعد انهن کي ري سائيڪل بن ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي، اهي ٽيهه ڏينهن يا سٺ ڏينهن کانپوءِ ڊليٽ ٿينديون آهن، ان صورت ۾ اوهان تصوير يا وڊيو ريڪور ڪري سگهو ٿا.
ان کانسواءِ ڪلائوڊ اسٽوريج کي ٽيڪ ڪريو، جيڪڏهن اوهان فائلن کي سنس ڪرڻ لاءِ گوگل ڊرائيور، گوگل فوٽوز ۽ ون ڊرائيو يا ٻيو ڪجهه استعمال ڪندا آهيو ته گيلري مان تصوير ڊليٽ ٿيڻ بعد اوهان پنهنجو اڪائونٽ چيڪ ڪريو.
ڪجهه فونز ۾ بيڪ اپ هوندو آهي، جيڪڏهن اوهان وٽ پنهنجي ڊيوائيس جو بيڪ اپ کليل آهي ته اوهان بيڪ اپ مان ڊليٽ ٿيل تصويرن کي به بحال ڪري سگهو ٿا.
ان کانپوءِ بيڪ اپ چونڊ ڪريو جنهن کي بحال ڪرڻ چاهيو ٿا ته بحال ڪري ڇڏيو.
جيڪڏهن اهي آپشنز ناڪام ٿي وڃن ته اوهان اعتماد جوڳو ڊيٽا ريڪوري سافٽ استعمال ڪريو ۽ ان ذريعي تصويرون يا وڊيوز واپس آڻي سگهجن ٿيون.
اهڙا سافٽ ويئر گوگل پلي اسٽور تي به موجود آهن جن جا نالا DiskDigger, EaseUS, MobiSaver ۽ Recuva آهن.