مڙس زال کي سالگرهه جي تحفي ۾ چنڊ تي پلاٽ ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) زال کي خوش ڪرڻ لاءِ سندس سالگرهه تي سڄي دنيا جا مڙس مختلف قسم جا سرپرائز ۽ تحفا ڏيندا آهن پر تازو ئي ڀارت ۾ مڙس زال کي هڪ اهڙو تحفو ڏنو آهي جنهن سندس زال کي حيران ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اولهه بنگال رياست سان واسطو رکندڙ سنجي شادي کانپوءِ زال جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي کيس چنڊ تي پلاٽ تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنجي جي هلندڙ سال اپريل ۾ شادي ٿي هئي، پر شادي کان پوءِ زال جي پهرين سالگرهه تي سنجي پنهنجي زال لاءِ چنڊ تي هڪ ايڪڙ پلاٽ خريد ڪيو ۽ کيس تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو.

فوٹو: بھارتی میڈیا
واضح رهي ته چنڊ جي ملڪيت عملي طور تي ممڪن ناهي، پر ڪيتريون ئي ويب سائيٽس چنڊ جا ٽڪرا وڪرو ڪنديون آهن ۽ ان کي خريد ڪندڙ ماڻهن کي ”اعزازي سرٽيفڪيٽ“ فراهم ڪنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.