گوگل تي ”جوان“ لکو ۽ سرپرائز وٺو!

بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي فلم ”جوان“ جي ڪاميابي جي جشن ۾ گوگل سرچ انجڻ به پنهنجو حصو وجهي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب 7 سيپٽمبر تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندڙ ان فلم پهرئين ئي ڏينهن ڪاميابي جا رڪارڊ جوڙي ورتا ۽ شاهه رخ خان پنهنجي ئي فلم ”پٺاڻ“ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
گوگل سرچ انجڻ فلم جي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ لاءِ مداحن کي پنهنجي هوم پيج تي سرپرائز ڏنو، ان لاءِ گوگل سرچ بار ۾ وڃي Jawan لکي انٽر ڪيو، جنهن کانپوءِ نئين پيج تي توهان کي ڳاڙهي رنگ جي واڪي ٽاڪي نظر ايندي.
ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان هوم پيج جي ٻنهي پاسن کان پٽيون ظاهر ٿينديون، جيڪي شاهه رخ خان کي فلم ۾ چهري تي ٻڌل آهن.
گوگل جي منفرد انداز ۾ جشن ملهائڻ تي سپر اسٽار شاهه رخ خان به ردعمل ڏنو آهي.
هن ايڪس تي گوگل انڊيا جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته جوان کي گوگل تي به ڳوليو ۽ ٿيٽرز ۾ به، پٽيون ڏسي ان وقت ڏاڍو مزو ايندو آهي، جڏهن انهن کي چهري تي ناهي ٻڌڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.