هڪ هفتي ۾ ڇا ڇا مهانگو ٿيو؟ ڳڻپ کاتي جي رپورٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ کاتي ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب سالياني بنيادن تي مهانگائي 26.32 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ ٽماٽو 17 سيڪڙو، مهري دال 10.8 سيڪڙو، کنڊ 6.7 سيڪڙو، ٿوم 4.6، ڳڙ 3.6 ۽ مڱن جي دال 3.5 سيڪڙو مهانگي ٿي.
ان کانسواءِ هڪ هفتي ۾ بصر 3.4 سيڪڙو، چڻن جي دال 3.2 سيڪڙو، ڊيزل 6.2، ايل جي پي 5.1 ۽ پيٽرول 5.1 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ جو گوشت 3.2 سيڪڙو، 5 ليٽر ڪوڪنگ آئل هڪ سيڪڙو سستو ٿيو.
رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 32 شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 5 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.