خبردار! جلد پنهنجو آءِ فون اپ ڊيٽ ڪريو نه ته، اهم هدايتون جاري

جيڪڏهن اوهان آءِ فون استعمال ڪندا آهيو ته ايپل ڊوائيسز کي فوري طور تي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

ايپل طرفان آءِ او ايس 16 تي هلندڙ آءِ فونز ۽ آءِ پيڊز لاءِ سيڪيورٽي اپ ڊيٽس جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن هڪ وڏي سيڪيورٽي ڪمزوري کي ختم ڪري سگھجي.

ان ڪمزوري ذريعي هيڪرز آءِ فون يا آءِ پيڊ جو ڪنٽرول حاصل ڪري سگھن ٿا.

هونئن ته اهڙيءَ طرح جون اپ ڊيٽس عام هونديون آهن پر ڪمپني طرفان عام طور تي جلد اپ ڊيٽ ڪرڻ جو مشورو ناهي ڏنو ويندو.

زيرو ڪلڪ، زيرو ڊي يا بلاسٽ پاسٽ نالي ان سيڪيورٽي خامي ذريعي هيڪرز Pegasus Spyware کي متاثر ڊوائسز ۾ انسٽال ڪري سگھن ٿا جنهن سان هيڪرز کي ٽيڪسٽ ميسيجز پڙهڻ، فون ڪالز ٻڌڻ، تصويرون ڏسڻ، لوڪيشن ٽريڪنگ ۽ مختلف ڊيٽا تائين پهچي حاصل ٿي ويندي آهي.

ان خامي کي سڀ کان پهريان Citizen lab نالي اداري دريافت ڪيو هو جنهن طرفان ايپل کي آگاهه ڪيو ويو.

آمريڪا سان واسطو رکندڙ ان اداري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ فرد جي آءِ فون ۾ Pegasus پروگرام انسٽال ٿي ويو هو.

اداري موجب ان سيڪيورٽي خامي ذريعي هيڪرز آءِ او ايس 16.6 تي هلندڙ ڊوائيسز تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگھن ٿا ۽ متاثر ماڻهن کي ان جي خبر به ناهي پوندي.

اداري طرفان آگاهه ڪرڻ تي ايپل طرفان آءِ او ايس 16.6 جي نالي سان ايپ ڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.

Citizen Lab موجب واهپيدار پنهنجي ايپل ڊوائيسز تي لاڪ ڊائون موڊ کي ان ايبل ڪري هيڪرز جي حملن کي بلاڪ ڪري سگھن ٿا.

پر ايپل يا Citizen Lab طرفان اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته هيڪرز ڪهڙي طريقي سان ان سيڪيورٽي خامي کي استعمال ڪن ٿا.

واضح رهي ته اسرائيلي ڪمپني جي تيار ڪيل Pegasus پروگرام ذريعي هاڻوڪن سالن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ صحافين، سماجي ڪارڪنن ۽ ٻين مشهور شخصيتن جي آن لائين ڊيٽا کي هدف بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.