گوگل جي ڪروم برائوزر ۾ وڏين تبديلين جو اعلان

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل ڪروم کي 15 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪمپني طرفان ويب برائوزر جي نئين ڊزائين ۽ ڪجهه فيچرز کي متعارف ڪرايو پيو وڃي.
گوگل طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته ڊيسڪ ٽاپ لاءِ ڪروم کي ري ڊزائين ڪيو پيو وڃي.
گوگل ڪروم ۾ نئين ٿيم ۽ ڪلر آپشنز ري ڊزائين برائوزر جو حصو هوندو جڏهن ته ويب برائوزر جي آئڪونز کي به اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي.
ڪمپني ٻڌايو ته ڪروم جي نئين ڊزائين مٽيريل يو ڊزائين لينگوئج تي ٻڌل هوندي.
گوگل طرفان ڪروم مينيو کي به تبديل ڪيو پيو وڃي ته جيئن واهپيدارن لاءِ مختلف فيچرز ۽ آپشنز جهڙوڪ گوگل ٽرانسليٽ ۽ ايڪسٽينشنز جو استعمال سولو ٿي سگھي.
ڪمپني طرفان ڪروم ويب سائيٽ کي به ري ڊزائين ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سائيڊ بار ۾ هڪ فيچر به واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو ته جيئن ڪنهن به سائيٽ سورس جي حوالي سان کين اضافي ڄاڻ تائين پهچ حاصل ٿي سگھي.
گوگل جي ڪروم تي سيف برائوزنگ کي به اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن واهپيدارن کي ميل ويئر ۽ ٻين آن لائين خطرن کان تحفظ ملي سگھي.
واضح رهي ته گوگل کي سيپٽمبر 2008ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.