شاهه رخ خان نئين فلم ”جوان“ جو ڪيترو معاوضو ورتو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سائوٿ انڊين فلمن جي مشهور ڊائريڪٽر ايٽلي جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل شاهه رخ خان جي نئين فلم ”جوان“ رليز جي پهرين ڏينهن 75 ڪروڙ رپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي.
فلم ”جوان“ لاءِ اميد ڪئي پئي وڃي ته فلم رليز جي پهرين 4 ڏينهن ۾ 500 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪندي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب بالي ووڊ گھڻي گھٽ معاوضي کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعا ڪندڙ شاهه رخ اڄ سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ بالي ووڊ اداڪارن ۾ شامل آهي، شاهه رخ خان جي هڪ فلم جو معاوضو هن وقت 50 کان 60 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي پر ٻڌايو پيو وڃي ته فلم جوان جي رڪارڊ ٽوڙ ڪاميابي کي ڏسندي شاهه رخ خان ٻيٽو معاوضو وصول ڪيو آهي جيڪو 100 ڪروڙ ڀارتي رپيا بڻجي ٿو.
دپيڪا پڊوڪون جيڪا پنهنجي فلمن جو معاوضو 15 کان 30 ڪروڙ وٺندي آهي هن طرفان فلم جوان لاءِ ڪيترو معاوضو وصول ڪيو ويو اهو واضح ناهي ٿي سگھيو.
واضح رهي ته شاهه رخ خان جي ٿرل ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم جيڪا گذريل ڏينهن 7 سيپٽمبر تي ڀارت سوڌو سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي وئي آهي ۽ شوقينن طرفان شاهه رخ خان جي ايڪشن ٿرلر فلم کي گھڻو پسند ڪيو پيووڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.