هيليڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪِري تباهه، پائلٽ گم

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي کان اڏام ڀريندڙ هيليڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن جي جنرل سول ايويئيشن اٿارٽي ٻڌايو ته ايرو گلف هيليڪاپٽر دبئي جي المڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان خميس ڏينهن رات جو اڏام ڀري هئي.
رپورٽس موجب بيل 212 هيليڪاپٽر پنهنجي روٽين جي ٽريننگ تي هو جنهن ۾ مصر ۽ ڏکڻ آفريقا جا ٻه پائلٽ سوار هئا.
اختيارين موجب کين رات جي وقت ئي هيليڪاپٽر تباهه ٿيڻ جو اطلاع مليو هو جنهن کان پوءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو هو.
اختيارين موجب ريسڪيو ٽيم کي سمنڊ مان جهاز جو ملبو ملي ويو آهي پر ٻئي پائلٽ هن وقت تائين گم آهن جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.